اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا کي اف??ان??تان جي خلاف پنهنجا اڏا استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو، اسان شروع کان ا??غان مسئلي جي ڳالهين جي ذريعي حل جا حامي آهيون، عالمي برادري ڀارت جي بليڪ مارڪيٽ ۾ يورينيم جي غير قانوني وڪري جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي، تابڪار مادي جو غلط هٿن ۾ وڃڻ انساني جانين ۽ گڏيل قومن جي سلامتي کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿو، عالمي ميڊيا پاران ا??تري اهم واقعي کي نظرانداز ڪرڻ افسوسناڪ آهي. هن ا??ڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ ڪورس جي غير ملڪي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي ڪيو. نيشنل ڊفينس يو??يورسٽي ۾ ڪورس هيٺ 12 ملڪن سان تعلق رکندڙ فوجي آفيسرن صدر سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي ڪاميابين کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دهشتگردي کي شڪست ڏني آهي. پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 70،000 جانين ۽ 150 بلين ڊالر جي معاشي نقصان کي صورت ۾ وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. اف??ان??تان جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪندي صدر چيو ته پاڪستان ا????ان??تان ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري رهيو آهي ڇو ته اف??ان??تان ۾ امن ۽ استحڪام سان سڀ کان وڌيڪ فائدو اف??ان??تان کانپوءِ پاڪستان کي ٿيندو. هن چيو ته اف??ان??تان ۾ ڊگهي تڪرار سان سڀ کان وڌيڪ متاثر به پاڪستان ٿيو آهي، اف??ان??تان ۾ جنگ پاڪستان جي معيشت ۽ سيڪيورٽي کي بري طرح متاثر ڪيو آهي، صدر چيو ته پاڪستان شروع کان ا??غان مسئلي جي ڳالهين جي ذريعي حل جو حامي رهيو آهي، جنگ تڪرارن جو حل نه آهي ڇو ته ان سان ا??ساني اذيت ۽ تڪليف ۾ اضافو ٿيندو آهي،