رپورٽ: ڪريم ڏنو راهمون
دُنيا اڄ سياحت جو عالمي ڏينهن ملهائي رهي آهي جڏهن ته وڏي وقت کانپوءِ اڻميُون برساتُون وسڻ کانپوءِ دُنيا جو سڀ کان وڏو سياحتي ماڳ مارئي جو ديس ٿر سياحن جي آمد جي ڪري ٻهڪي پي?? آهي. جڏهن ته سياحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ٿر جا ٿوهر سياحن کي ڀليڪار چوڻ لاءِ ڄڻ ته ٻانهُون کولي بيـٺل آهن
۽ ٿر واسيءَ خوشي مان ٻهڪي رهيا آهن، ٿرپاڪر پاڪستان جو ريگستاني علائق?? آهي جنهن جو دارو مدار برساتن تي آهي۔ ان جي ڪري عام چوڻي آهي ته “وسي ٿر نه ته بر ئي بر” اهو بر سٺيون برساتون وسڻ کانپوءِ ڪوهه مري کان به وڌيڪ حس??ن ٿي پي?? آهي ۽ وڏي وقت کانپوءِ حس??ن ٿر بڻجي سياحن جي اکين کي آٿتُون ڏيئي رهي?? آهي ۽ تل ترايون ڀرجي ويون آهن
ٿر ۾ وقت تي سٺيون برساتون نه پوڻ جي ڪري ڏڪار منهن ڪڍند?? آهي ۽ ٿر واسين جون زندگيون مفلوج بڻجي وينديون آهن ۽ ٽهڪن ۽ خوشين بدران مختلف بيماريون واسو ڪري وينديُون آهن، جنهن جو اڪثر شڪار عورتُون ۽ ٻار ٿيندا آهن، برساتون نه پوڻ جي ڪري اناج ۽ گاهه نه ٿيند?? آهي جنهن جي ڪري کاڌي خوراڪ ۽ کير جي گهٽتائي ٿي ويندي آهي۔ انسانن ۽ جانورن کي گهربل کاڌو نه ملڻ ڪري ڀٽن جي ڀر ۾ مُئل مال ڏسي اکين جا سمُورا خواب لُڙهي ويندا آهن، پر جڏهن ٿر تي برساتون پونديون آهن ته ٿري ماڻهن جا چهرا ٿرجي پياسي زمين سان گڏ ٻهڪي پوندا آهن، جهمريون هڻي برساتن جي آجيان ڪندا آهن، برساتن جي وسڻ کان پو۽ ٿر جي اڃايل زمين به جيڪا بيابان ڏسڻ ۾ ايندي آهي اها سائي چادر سان ڍڪجي ويندي آهي ۽ خوبصورت دل کي وڻندڙ نظارا ڏسڻ وٽان هوندا آهن
ٿر جون ٻنيون به برسات تي ٿينديون آهن، جنهن ۾ ٿر جا ماڻهو فصل خاص ڪري گوار، ٻاجهري پوکيندا آهن سٺي برسات پوڻ سان فصل به سٺا ٿيندا آهن ۽ سياحن جي آمد سان هر طرف رونقُون لڳي وينديُون آهن.
گڊي ڀٽ ۽ ڪارونجهر جبل سميت ٿر جا سياحتي ماڳ جيڪي برسات کانپوءِ سرها لڳڻ لڳندا آهن
ٿرپارڪر ۾ برسات پوڻ کان پوءِ سياحتي ماڳ، ڪارونجهر جبل
ڀوڏيسر جي مسجد، مارئي جو کوهه، گوڙي مندر، س??رد??و مندر، تروٽ جي چوٽي، ننگرپارڪر ۾ پاڻي جا ڊيم، راڻاسر ترائي، پاٻوهر جي ترائي، مٺي شهر ۾ پڪنڪ پوائنٽ گڊي ڀٽ سميت ٻين هنڌن جي سونهن ڏسڻ وٽان هوندي آهي۔، جتي برساتون پڻ کان پو۽ پوري ملڪ مان هزارن جي تعداد ۾ سياح تفريح ڪرڻ جي لا۽ ايندا آهن، انهن هنڌن تي محفل موسيقي مان به سياح لطف اندوز ٿندا آهن، انهن هندن تي به ٿر جا ماڻهو مختلف ڪاروبار ڪري روزگار ڪندا آهن۔
ٿر ۾ برساتن جي خوشي ٿر جي مالوندن کي عيد کان به وڌيڪ هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته عيد جي خوشي صرف هڪ ڏينهن ۽ برسات پوڻ جي خوشي پورو سال محسوس ٿيندي آهي، ٿر جي ماڻهن جو گذر سفر برسات تي آهي.
جيڪڏهن برسات نه پوي ته پورو ٿر ويران ۽ بيابان جو ڏيک ??ين???? آهي ۽ جي اڻمئي برسات پوڻ تي ٿر بر بدران ڪوهه مري کان به وڌيڪ حس??ن ڏسڻ ۾ ايند?? آهي، جنهن سان ٿر جي مالوند ماڻهن کي جيڪا خوشي محسوس ٿيندي آهي ان جو اندازو بيان ڪرڻ کان به وڌيڪ هوند?? آهي، برسات جي موسم ۾ ٿر جو هر ماڻهو پاڻ کي امير سمجهند?? آهي ۽ برساتن کي ڏکن ۽ قرض جي خاتمي جو اعلان سمجهند?? آهي.