اسلام آ??اد – 09 آگسٽ (اي پ?? پي) وزيراعظم غريب، لاچار ۽ پورهيت طبقي کي پ??اهگاهن ۾ باعزت طريقي سان ڇت ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته اسلام آ??اد جي ماڊل پناهگاهن جو دائرو ٻين صوبن تائين وڌ??يو ويندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار پناهگاهن جي پروگرام کي معياري سهولتن سان ليس ڪرڻ ۽ پائيدار بنيادن تي هلائڻ جي لاءِ کنيل عملي قدمن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم ج?? غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر، وزيراعظم ج?? نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار، پناهگاهه بابت فوڪل پرسن نسيم الرحمان، بيت المال جي ايم ڊي عون عباس بپي ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم ج?? نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار ٽائيگر فورس جي رضاڪارن پاران پناهگاهن جي دورن ۽ صورتحال جي حوالي سان شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر شرڪت ڪندڙن کي پ??اهگاهن جي نظم ۽ ضبط کي وڌيڪ منظم ۽ پائيدار بڻائڻ ۽ پناهگاهن جي حوالي سان وزيراعظم ج?? ويزن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ تجويز ڪيل تنظيمي ڍانچو پيش ڪيو. وزيراعظم عمران خان بي گهر ماڻهن خاص طور تي پ??رهيت طبقي کي پ??اهگاهن ۾ باعزت ۽ معياري سهولتن جي فراهمي کي يقي??ي بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو ته پناهگاهن ۾ موجود عملي جي تربيت سان گڏوگڏ پناهگاهن ۾ دستياب سهولتن جو باقاعدگي سان جائزو ورتو وڃي. اجلاس ۾ اسلام آ??اد ۾ 5 پناهگاهن کي ماڊل پناهگاهون بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وفاقي گادي واري شهر جي ماڊل پناهگاهن جي طرز تي ٻين صوبن جي پ??اهگاهن جي انتظآمي معاملن ۽ سرنديءَ وارن جي حصيداري سان معياري سهولتن جي فراهمي کي يقي??ي بڻ??يو ويندو.