اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مخالف ڌر پاران نيب قانونن ۾ تجويز ڪيل ترميمون تحريڪ ا??صاف جي منشور جي خلاف آهن، عمران خان واضح ڪيو آهي ته بدعنواني تي ڪو ٺاهه نه ٿو ٿي سگهي، سياست ۾ دروازا بند ناهن ٿيندا، مخالف ڌر تنگ نظري جو مظاهرو نه ڪري، نيب قانونن ۾ 10 سالن تائين ترميمن تي اتفاق نه ٿي سگهيو، هاڻي مخالف ڌ?? چاهي ٿي ته 10 ڪلاڪن ۾ ترميمون ٿين، مخالف ڌر نيب قانونن ۾ ترميمون ايف اي ٽي ايف ۽ ڪرپشن جي نظر سان ڏسي، مخالف ڌر کي اپيل آهي ته پاڪستان کي گر?? لسٽ مان ڪڍڻ جي قانونسازي ۾ ڪردار ادا ڪري، نيب تي مخالف ڌر جون ترميمون جيڪڏهن مڃيون وڃن ته پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف مان سهولت نه ملي سگهندي، مخالف ڌر عمران خان يا حڪومت نه پاڪستان جي مفاد ۾ لچڪ جو مظاهرو ڪري. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ڪجهه عرصي کان ايف اي ٽي ايف جي گر?? لسٽ ۾ ??چي ويو هو، تحريڪ ا??صاف جي حڪومت کان اڳ ملڪ ا??ف اي ٽي ايف جي گر?? لسٽ ۾ ??چي ويو. گذريل حڪومتن جي ڪوتاهين جي ڪري ملڪ گر?? لسٽ ۾ ويو. ڀارت پاڪستان کي بليڪ لسٽ ڪرائڻ جي لاءِ سازش ڪري رهيو آهي ته جيئن پاڪستان جي معيشت تباهه ٿي وڃي. پاڪستان جو روانگي واپار ختم ٿي وڃي، پاڪستان تي سخت ترين پابنديون لڳايون وڃن. پاڪستان جي سفارتڪاري پنهنجي ووٽ ۽ سڌارن جي حوالي سان قدم کنيا.