اسلام آباد – 04 جولاءِ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا وبا ۾ ڊاڪٽرز جي مشوري ۽ احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد مشڪل ڪم نه آهي، ايس او پيز تي عمل ٿيندو ته ڪاروبار به هلندو ۽ ماڻهو به صحتمند رهندا. اسلام آباد ۾ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل سان گڏ اين آءِ ايڇ ?? نئين تعمير ٿيل آئيسوليشن اينڊ اسپيشل ڊپارٽمينٽ سينٽر جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالها??ين??ي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ڪورونا بابت صورتحال ۾ ترتيبوار بهتري اچي رهي آهي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ 40 ڏينهن ۾ آئسوليشن اسپتال مڪمل ڪئي وئي آهي، اسان جون تياريون مڪمل آهن، اي??دڙ هفتي وزيراعظم آئسوليشن اسپتال جو افتتاح ڪندو.