اسلام آباد – 29 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پنجاب ۾ صحت سميت ٻين شعبن کي نظرانداز ڪرڻ تي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف ۽ مسلم لي?? (ن) جي حڪو??ت جي لاپرواهي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ??يو آهي ته ماڻهن کي تازي ڪرونا جي وبا تي اسپتالن سميت صحت جي ادارن جي کوٽ سبب سهولتون حاصل ڪرڻ ۾ تمام گهڻي پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن ??يو ته اڳوڻو وڏو وزير شهباز شريف ملڪ ۾ موذي وبا جو فائدو کڻندي پاڻ کي سياست ۾ زندهه رکڻ جي لاءِ قوم کي گمراهه ڪرڻ ۽ چالون هلڻ کان پاسو ڪري، مسلم لي?? (ن) جي اڳواڻن کي قومي ناڻي کي ڦرڻ ۽ صحت سميت ٻين ادارن کي تباهه ڪرڻ جي حوالي سان نيب جي سوال?? جا جواب ڏيڻ گهرجن.