اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا معصوم ۽ بي گناهه ڪشميرين سان پنج مهينن کان جاري رياستي دهشتگردي، ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمان مخالف تڪراري قانونسازي، ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف مذمتي قرارداد اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتي، ڪابينا عالمي فورمز تي ڪشميرين جو ڪيس بهتر انداز ?? وڙهڻ تي وزيراعظم جي ڪوششن کي ساراهيندي عالمي برادري جي سمورن اڳواڻن، انساني حقن جي علمبردار تنظيمن ۽ عالمي ادارن کي اپيل ڪئي ته ڪشميرين سان ٿيندڙ زيادتين جو نوٽيس وٺن، وزيراعظم جنوري جي پهرين هفتي بنيادي ضرورت جي شين تي 6 ارب روپيا سبسڊي ۽ جنوري جي آخري هفتي ۾ ڪ??زو?? طبقن جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ مالي مدد ڪارڊ جاري ڪندو، وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊي?? کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا اجلاس جي آغاز ?? گذريل تقريبن پنج مهين کان والاريل ڪشمير ۾ جاري ڪرفيو ۽ معصوم ڪشميرين تي ظلم ۽ ستم جي شديد مذمت ڪئي.