اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) ايوان صدر سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ ڊاڪ??ر سهيل انجم نالي جعلساز جي ايوان صدر ۾ گريڊ 21 جي پوسٽ تي مقرري جي نوٽيفڪيشن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ايوان صدر ۾ گريڊ 21 ۾ پرسنل سيڪريٽري جو ڪو عهدو موجود نه آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ايوان صدر ۾ ڊاڪ??ر سهيل انجم جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جعلي آهي، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ايوان صدر ۾ ڊاڪ??ر سهيل انجم نالي ڪنهن شخص جي مقرري ناهي ڪئي. ايوان صدر جو چوڻ آهي ته ڊاڪ??ر سهيل انجم ايوان صدر جي سيڪريٽري جنرل ??ي پرسنل سيڪريٽري جا ڪارڊز پڻ ڇپرائي رکيا آهن. ايوان صدر جو چوڻ آهي ته ايوان صدر ۾ سيڪريٽري جنرل ۽ ان جي پرسنل سيڪريٽري جو ڪو عهدو موجود نه آهي، ايوان صدر ۾ آفيسرن جي مقرري شفافيت ۽ ديانتداري جي بنياد تي ڪئي وڃي ٿي. ايوان صدر جو چوڻ آهي ته جعلي نوٽيفڪيشن جي جاچ جي لاءِ معاملو ايف آءِ اي ڏانهن موڪليو ويو آهي.