اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (??ي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گوادر ۾ عالمي معيار ۽ جديد سهولتن سان ليس اي??رپ??رٽ تعمير ڪرڻ تي اسان عظيم دوست چين جا ٿورائتا آهيون جڏهن ته وزيراعظم کي ٻڌايو ويو آهي ته گوادر کان مسقط جي لاءِ اڏامن جي شروعات ايندڙ سال 10 جنوري کان ٿي ويندي، پاڪستان جون نجي ايئرلائينز چين، اومان ۽ گڏيل عرب امارات جي ايئرلائينز سان گوادر کان ملڪي ۽ عالمي فلائيٽ آپريشن شروع ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائ?? موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ نيو گوادر انٽرنيشنل اي??رپ??رٽ سان لاڳاپيل معاملن تي اهم اجلاس ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته گوادر جو نئون عالمي هوائي اڏو چين – پاڪستان عظيم دوستي جو نمايان مثال آهي، عالمي معيار ۽ جديد سهولتن سان ليس اي??رپ??رٽ تعيمر ڪرڻ تي اسان عظيم دوست چين جا ٿورائتا آهيون. وزيراعظم چيو ته نيو گوادر انٽرنيشنل اي??رپ??رٽ جي فعال ٿيڻ سان علائقي ۾ خوشحالي ايندي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، نيو گوادر انٽرنيشنل اي??رپ??رٽ کي هڪ مصروف ٽرانزٽ پوائنٽ ٺاهڻ جي حوالي سان قابل عمل حڪمت عملي جوڙي وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف نيو گوادر انٽرنيشنل اي??رپ??رٽ ۽ ملڪ خاص طور تي بلوچستان صوبي جي ٻين علائقن جي وچ ۾ رابطا رستن جو نظام بهتر بڻائڻ ۽ نيو گوادر انٽرنيشنل اي??رپ??رٽ جي لاءِ فول پروف سيڪيورٽي انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي نيو گوادر انٽرنيشنل اي??رپ??رٽ جي آپريشنلائيزيشن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نيو گوادر انٽرنيشنل اي??رپ??رٽ زمين جي لحاظ کان ملڪ جو سڀ کان وڏو هوائي اڏو آهي، گوادر اي??رپ??رٽ اي – 380 هوائي جهازن کي هينڊل ڪري سگهي ٿو جڏهن ته اي??رپ??رٽ تان 4 لک مسافر ساليانو سفر ڪري سگهندا، پاڪستان اي??رپ??رٽ اٿارٽي پاران نيو گوادر انٽرنيشنل اي??رپ??رٽ کي ايرو ڊروم سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويو آهي جڏهن ته پاڪستان ڪسٽمز پڻ ان اي??رپ??رٽ کي نوٽيفائي ڪري ڇڏيو آهي. بريفنگ ۾ چيو ويو آهي ته اي??رپ??رٽ تي پاڪستان اي??رپ??رٽ اٿارٽي، اي??رپ??رٽ سيڪيورٽي فورس، پاڪستان ڪسٽمز، اينٽي نارڪوٽڪس فورس، وفاقي جاچ اداري سم??ت بارڊر هيلٿ سدروس جو عملو مقرر ڪيو ويو آهي، پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي ڪراچي ۽ گوادر جي لاءِ موجوده فلائيٽ آپريشن جي عرصي کي جلد ئي هفتي ۾ ٽي ڀيرا ڪيو ويندو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گوادر کان مسقط جي لاءِ اڏامن جي شروعات اڳئين سال 10 جنوري کان ٿي ويندي، پاڪستان جون نجي ايئرلائينز چين، اومان ۽ گڏيل عرب امارات جي ايئرلائينز سان گوادر کان ملڪي ۽ عالمي فلائيٽ آپريشنز شروع ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي، اي??رپ??رٽ تي ڪولڊ اسٽوريج، ويئر هائوسز، ڪوريئر سروسز جي سهولتن، ڪارگو شيڊز، فني گرائونڊ سپورٽ اوزارن، فيول فارمز، هوٽلز ۽ شاپنگ مالز جي لاءِ جڳهه رکي وئي آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايوويو ته اي??رپ??رٽ تي بئنڪ برانچز جي قيام ۽ اي ٽي ايم مشينون هڻڻ جي حوالي سان اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کان رجسٽرڊ سم??رين بئنڪن سان رابطو ڪيو ويو آهي، گوادر انٽرنيشنل اي??رپ??رٽ کان رستي ذريعي رابطو بهتر بڻائڻ جي حوالي سان ايسٽ – بي ايڪسپريس وي جو پهريون حصو مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته ٻئي حصي جي فزيبلٽي تيار ڪئي پئي وڃي. اجلاس ۾ دفاع ۽ هوابازي واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ نجڪاري، سيڙپڪاري ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.