اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثق??فت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيني مجسمي ساز م??سٽ?? يوآن جي پاڪستان جي دوري جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جو رشتو ايترو ئي مضبوط آهي جيترو اسان جون مضبوط گڏيل س??حدون ۽ گڏيل جبل آهن. اها ڳالهه هن قائداعظم محمد علي جناح ۽ مائوزي تنگ جي مجسمن جي نقاب ڪشائي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف، پاڪستان ۾ چين جو سفير جيانگ زي ڊونگ، چين جو عظيم مجسمه ساز م??سٽ?? يوآن سميت ٻيا پڻ موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گذريل س????ن دوران پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مضبوطي ثقافتي رشتي کي وڌيڪ سگهه ملي آهي، اسان جون نه رڳو سرحدون گڏيل آهن پر اسان جا جبل به شريڪ آهن. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جبلن ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ ثقافتي روايتون ل??ل آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيني مجسمي ساز م??سٽ?? يوآن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته م??سٽ?? يوآن جي عظيم ڪارنامن ۽ بيجنگ ۾ سندس شاندار عجائب گهر جي ڪاميابي سان سندس مهارت جو اندازو ٿئي ٿو، هن چيني ثق??فت کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته اسان کي فخر آهي ته م??سٽ?? يوآن قائداعظم محمد علي جناح جي ولادت جي ڏهاڙي جي موقعي تي هتي آيو، اڄ چيئرمين مائوزي تنگ جي پڻ سالگرهه آهي، اسان م??سٽ?? يوآن کي سندس ٻئي گهر اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا ۽ سندس ٿورائتا آهيون ته هن چين ۽ پاڪستان جي دوستي کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ مجسما تيار ڪيا. هن چيو ته مون کي اميد آهي ته توهان جي ڏهاڪن کان جاري ڪم جي ذريعي پاڪ چين دوستي وڌيڪ مضبوط ٿيندي.