اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ زلزلي، نئين سر تعمير ۽ بحالي اٿارٽي (ايرا) جي 15هين ڪائوسنل جو اجلاس ٿيو. ايرا جي چيئرمين، ايرا ڪائونسل ??ي ميمبرن ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي نمائندن اجلاس ۾ شرڪت ڪ??ي. ??رڏيهي آفيس موجب ??جلاس ۾ ايرا ۽ اين ڊي ايم اي جي اسٽريٽجڪ انضمام جي عمل تي ڌيان ڏنو ويو. نائب وزيراعظم چيو ته انضمام جو عمل آپريشنز کي هموار، وسيلن جي ورڇ کي بهتر ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ جي مجموعي فريم ورڪ کي مضبوط بڻائيندو. ڊيزاسٽر ريسپانس فريم ورڪ کي هم آهنگ ڪرڻ ۾ آزاد ڄ??ون ۽ ڪشمير ۽ خيبرپختونخواهه جي حڪ??متن کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.