اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته تعليمي نظام کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ نه رڳو وقت جي ضرورت آهي، پر اسان جي ايندڙ نسلن جي ڪاميابي ??اءِ بنيادي شرط به آهي. تختي کان ٽيڪنا??اج?? تائين جو سفر اسان جي تعليم جي ارتقا جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ هي سفر تيز رفتار ترقي طرف اشارو ڪري ٿو. انهن خيالن جو اظهار هن انٽر بورڊ ڪو آرڊينيشن ڪميشن جي انتظام هيٺ منعقد ماڊل اسيسمنٽ فر??م ورڪ جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اڄ جو دور علم تي ٻڌل معيشت جو آهي، جتي ٽيڪنا??اج??، تخليقي صلاحيتن ۽ جد??د مهارتون نوجوانن لاءِ عالمي معيشت ۾ مقام حاصل ڪرڻ جو بنيادي عنصر آهي. اسان کي پنهنجي تعليمي نظام کي اهڙي نصاب ۽ تربيتي پروگرامن سان آراسته ڪرڻ گهرجي جيڪي شاگردن کي نه رڳو موجوده دور جي پر مستقبل جي چئلينجن کي منهن ڏي?? لاءِ تيار ڪن. ان مقصد لاءِ اسان کي انقلابي ??دم کڻڻا پوندا. هن چيو ته ويزن 2025ع تحت تعل??م واري وزارت نصاب ۽ امتحاني نظام جي سڌارن جا منصوبا ڏنا ويا، استادن جي تربيت کان سواءِ معياري تعليم جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي، جلد ئي اسلام آباد ۾ عالمي معيار جي ٽيچر ٽريننگ ادارو قائم ڪيو ويندو. امتحاني نظام ۾ سڌارن کان سواءِ تعليمي معيار بهتر نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته قومي نصاب کي جديد گهرجن مطابق ڪرڻ تي ڪم شروع ٿي ويو آهي، قومي نصاب ڪانفرنس منعقد ڪئي پئي وڃي. ملڪ جي تعليمي ماهرن کي گهرائي جديد ٽيڪنا??اج?? مطابق تعليمي نصاب ٺاهيو ويندو جيڪو جديد دور جي گهرجن مطابق هجي، پاڪستان ايجوڪيشن ڊسٽرڪٽ انڊيڪس رپورٽ اسان جي تعليمي نظام جي ناڪامي جي عڪاس آهي، تعليمي ايمرجنسي نه لڳائي ته دنيا کان پوئتي رهجي وينداسين. ارڙهين ترميم کان پوءِ اسان اهو سوچيو ته صوبن وٽ هي شعبه وڃڻ کان پوءِ ڪارڪردگي بهتر ٿيندي پر ايئن نه ٿيو. هن چيو ته فائيو ايز فر??م ورڪ ۾ معياري تعليم جي فراهمي فائيو ايز جو هڪ اهم جزو اهي، ٻارن ۾ پاڻ سڃاڻڻ جي صلاحيت اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي، تعليمي بورڊز کي خوداحتسابي ذريعي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻي پوندي.