اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ترجمان شا??يه عطا مري چيو آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ لاءِ سڏ ڏنو ويو آهي، جنهن جي شديد مذمت ڪ??يون ٿا. ڪالهه هتي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان کي استحڪام ۽ اتحاد جي ضرورت آهي، ڏڦيڙ ۽ وِرڇ جي نه. هن چيو ته پُرامن احتجاج جي نالي تي پيٽرول بم اُڇلائڻ، گاڏيون ساڙڻ هاڻ پي ٽي آءِ جي س??ڃاڻپ بڻجي چڪي آهي، اسان کي احتجاج سان مسئلو ناهي، ڏڦيڙ ۽ نفرت جي س??است ڪ??ڻ تي افسوس آهي. شا??يه مري چيو ته يو ٽرن ڪوڙ، الزام، لشڪر ڪشي هن ٽولي جي س??ڃاڻپ بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ ۾ جيڪي س??جهدار ماڻهو هئا اهي خاموش آهن ۽ غير ذميوار ماڻهن کي ??ارٽيءَ جون واڳون ڏنيون ويون آهن. شا??يه مري چيو ته اهڙيون ڌُريون ملڪ نه پر هڪ شخص جي خوشنودي ۾ لڳل آهن جيڪي پنهنجي ذات خاطر ڪجهه به ڪري سگهي ٿو، اسان لاءِ ملڪ اهم آهي، ڪا سياسي پارٽي ملڪ ??ان مٿاهين ناهي. هن چيو ته اهي ماڻهو حڪومت ۾ هئا ته ملڪ ??ي نقصان پهچايو ۽ هاڻ مخالف ڌُر ۾ ويهي به عوام جي ڪا فڪر نٿا ڪن. هن وڌيڪ چيو ته پ پ چيئرمين مشورو به ڏنو هو ته پنهنجا ڪيس عدالتن ۾ وڙهو ۽ ڪجهه عوام جو سوچيو. هن چيو ته اڄ هڪ ضدي ۽ گهمنڊي ماڻهوءَ کي خوش ڪرڻ لاءِ ملڪ ??ي بار بار نقصان پهچايو پيو وڃي، سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ جو سرمايو آهن، انهن کي گمراهه ڪيو پيو وڃي. اسان سڀني کي گڏجي پاڪستان جي ترقي ۽ سالميت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته جڏهن ملڪ ترقي ڪندو ته اسان سڀ ترقي ڪنداسين. شا??يه مري چيو ته پ پ جي قيادت ۽ ان جي ڪارڪنن بيشمار تڪليفون برداشت ڪيون آهن پر ڪوبه ڏڦيڙ نه پکيڙيو. اسان آمرن جو ڄمي مقابلو ڪيو پر ملڪ جي ساک کي ڪڏهن به نقصان نه پهچايو. صدر آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو لڳايو ته بلاول ڀٽو زرداري س??اسي پارٽين کي گڏ ڪيو، اسان جي قيادت سخت ترين جيل ڪاٽيو ۽ صدر زرداري بيگناهه 13 سال جيل ڪاٽي، پي ٽي آءِ ٻُڌائي ته جيل ۾ هر قسم جون سهولتون ڪيترن قيدين کي ??لن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ استحڪام خاطر اسان کي اتحاد ۽ امن کي ??ٿي ڏيڻي پوندي. سياست کي خدمت سمجهندي اسان جي وڏن هڪ ڌار ملڪ حاصل ڪيو، هن وقت ملڪ ??ي هر پاڪستاني ڀاءُ ڀيڻ، بزرگ، ڌيءُ ۽ پُٽ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ امن ۽ خوشحاليءَ خاطر اسان کي گڏجي نفرت، ڏڦيڙ ۽ وِرڇ جو خاتمو ڪرڻو پوندو.