باڪو – 14 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ماحولياتي تبديلي پا??ست??ن جي لاءِ تمام ??ڏو چئلينج آهي، گلوبل وارمنگ جي ڪري چوماسي جي برساتن، ٻوڏ ۽ گليشيئرز پگهرڻ سان اسان جي آبادين تي منفي اثر پئجي رهيا آهن، ماڻهو بي گهر ٿي رهيا آهن، فصلن کي نقصان پهچي رهيو آهي، اسرندڙ ملڪن سان ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مدد جا ڪيل واعدا پورا ڪيا وڃن. ڪوپ 29 جي موقعي تي پا??ست??ن پويلين جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته زهريلي گئسن جي اخراج ۾ پا??ست??ن جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ 0.5 سيڪڙو آهي، ٻين م??ڪن جو زهريلي گئسن جي اخراج ۾ حصو وڌيڪ آهي جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ ڪِيتو پا??ست??ن ڀوڳي رهيو آهي. هن چيو ته پا??ست??ن پويلين ۾ عالمي برادري تي زور ڏنو ويو آهي ته پيرس ايگريمنٽ، ڪوپ 27 ۽ ڪوپ 28 ۾ ڪيل واعدا پورا ڪيا وڃن. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي جي عالمي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته ٻوڏ سان پا??ست??ن جو اربين ڊالر جو نقصان ٿيو آهي. ماحولياتي تبديلي جي ڪري ايندڙ نسلن جي مستقبل کي خطرو آهي. هن چيو ته پا??ست??ن پويلين سڀ کان وڌيڪ متحرڪ پويلين آهي، ماڻهو هتي اچي رهيا آهن، انهن کي پا??ست??ن ۾ موسمياتي تبديلي جي نقصانن بابت آگاهي فراهم ڪئي پئي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر ملڪ جي فنانس اسٽريٽجي هجڻ گهرجي، ان سان تمام گهڻي بهتري اچي سگهي ٿي. ان سان ڊونر ايجنسي يا ترقي يافته ملڪن کي به مدد ملندي ته اهي اڳ ۾ موجود اسٽرڪچر تحت فنڊنگ ڪري سگهندا. هن چيو ته اسان پنهنجي ماڻهن ۽ ڪلچر جي تحفظ ۽ ماڻهن کي بي گهر ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون ۽ اهو احساس پيدا ڪري رهيا آهيون ته ماحولياتي تبديلي سان ٿيندڙ نقصان اسان پنهنجي ماڻهن تائين پهچڻ نه ڏينداسين. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ايندڙ وقتن ۾ ماحولياتي تبديلي سڀ کان ??ڏو چئلينج آهي جنهن سان ماڻهن جي جان ۽ مال کي خطرو آهي. هن چيو ته ان حوالي سان جيترو ڪم ڪيو وڃي گهٽ آهي. ان م??قعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير پا??ست??ن پويلين ۾ بلوچستان جي ضلعي حب سان تعلق رکندڙ ٻارڙي زنيره جي اسٽال تي ويو ۽ ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بلوچستان سان تعلق رکندڙ ٻارڙي زنيره پا??ست??ن جو آواز آهي جنهن هتي موسمياتي تبديلي جي ڇوڪرين جي تعليم تي پوندڙ اثرن تي آواز اٿاريو آهي. هن چيو ته اسان کي زنيره جهڙين ٻارڙين تي فخر آهي، زنيره يو اين پاليسي پيپر ۾ به حصو وڌو. هن چيو ته بلوچستان جي ٻارڙين ۽ تعليم يافته عورتن کي حڪومت جي ڀرپور حمايت حاصل هوندي، بلوچستان جون باشعور عورتون پا??ست??ن جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. وفاقي وزير چيو ته پا??ست??ني ٻارڙي زنيره گلوبل ڪاز جي لاءِ جيترو ڪم ڪيو آهي ان جي جيتري ساراهه ڪئي وڃي گهٽ آهي. هن چيو ته اسان کي فخر آهي ته اسان وٽ اهڙيون ٻارڙيون م??جود آهن جيڪي نه رڳو پا??ست??ن پر پا??ست??ن جي ڪاز تي يقين رکن ٿيون ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ چاهين ٿيون. هن چيو ته پا??ست??ني ٻارڙين جو مستقبل تمام روشن آهي، زنيره جهڙيون ٻارڙيون پا??ست??ن جو پوري دنيا ۾ نالو روشن ڪنديون. اطلاعات واري وفاقي وزير ان م??قعي تي پا??ست??ن پويلين جي مختلف اسٽالز جو دورو ڪيو.