اسلام آباد –; 07 ??? نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفي ??عا??ن تي اطمينان جو اظهار ڪندي واپار، سيڙپڪاري ۽ دفاع جي شعبن ۾ ??عا??ن ??ي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ جمهوريه ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوعلو وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم نئين مقرر ٿيندڙ ترڪ سفير نذير اوعلو جي آجيان ڪندي چيو ته هو پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ??ي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ترڪيه سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تاريخي، پراڻي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ڄمون ۽ ڪشمير تي ترڪيه جي پاڪستا?? جي مسلسل حمايت تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان به بنيادي مفاد?? جي حوالي سان ترڪيه جي ڀرپور حمايت جاري رکندو. ملاقات ۾ علائقائي صورتحال خاص طور تي غزه ۽ وچ اوڀر جي صورتحال تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم صدر رجب طيب اردوا?? جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ترڪ صدر کي جلد پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ وڌندڙ ٻطرفي ??عا??ن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ دفاع ۾ ??عا??ن ??ي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ترڪيه جي سفير نذير اوعلو شاندار استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ دوستي جي مضبوط ۽ تاريخي رشتن ??ي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي مڪمل عزم ۽ حمايت جو يقين ڏياريو.