اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته پاڪستان ٿري ويلرز ايڪسپورٽ ڪرڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويو آهي، اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلن لاءِ 4 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن، ٻن ڪمپنين کي پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ وهيڪلز جو لائسنس ڏنو ويو آهي. اهڙو اظهار هن انجنيئرنگ ڊ??لپمينٽ بورڊ طرفان اليڪٽرڪ بائيڪس جي مختلف ماڊلز جي نمائش جي موقعي تي ڪيو. هن چيو ته اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ 31 ڪمپنين دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلن کي پنجاب ??ڪو??ت سبسڊائيز ڪري رهي آهي، ٻي اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي 30 نومبر تائين جاري ڪنداسين. راڻا تنوير حسين چيو ته پاڪستان ماحول دوست گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن ڏانهن منتقل ٿي رهيو آهي، نجي ڪمپنين طرفان مينيوفيڪچرنگ جو عمل شروع ٿي ويو آهي، چارجنگ اسٽيشنن جي نه هجڻ سان صارفين کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن موجب 2030ع ??ائين 10 هزار اي وي چارجنگ اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون جنهن سان ٻارڻ جي امپورٽ تي ڀاڙجڻ گهٽجي ويندو ۽ ڪلينر ٽيڪنالاجيز وسيلي گاڏين مان وڌيڪ ڪاربن جي اخراج ۾ گهٽتائي ايندي. سندس چوڻ هو ته بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ 100 شاگردن کي مفت اليڪٽرڪ بائيڪس فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته هي ٻي اليڪٽريڪل وهيڪل پاليسي آهي، ان کان اڳ به اسان جي ??ڪو??ت ئي اليڪٽريڪل وهيڪل پاليسي کڻي آئي هئي، ان پاليسي تحت لکين ماڻهو مستفيد ٿيندا. سندس چوڻ هو ته پنجاب ??ڪو??ت به 2 ۽ 3 ويلر تي ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن موجب 2030ع ??ائين 10هزار اي وي چارجنگ اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون.