گلگت – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه ۽ گلگت بلتستان جي وڏي وزير گلبر خان جدا جدا ملاقات ڪئ??. و??يراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گلگت بلتستان جي وڏي وزير ۽ گورنر وزيراعظم کي ملڪ ۾ تازي معاشي استحڪام تي خراج تحسين پيش ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گلگت بلتستان ۾ ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جي پٿر ۽ افتتاح تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ئي ته گلگت بلتستان جي عوام جي ڀلائي جي لاءِ انهن ترقياتي منصوبن جي جلد کان جلد تڪميل يقيني بڻائي ويند??. و??يراعظم چيو ته وفاقي حڪومت گلگت بلتستان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ ڀلائي جي لاءِ سرگرم عمل آه??. و??يراعظم کي گلگت بلتستان جي وڏي وزير روايتي چوغي ۽ ٽوپي جو تحفو پيش ڪيو.