اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٽيڪس ۽ اوڳاڙين جي نظام کي موثر بڻائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال انتهائي اهم آهي، ٽيڪس ڏيندڙن کي دوستاڻو ماحول فراهم ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايف بي آر ۾ سڌارن جي ا??ڀرائي جي حوالي سان اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم هدايت ڪئ?? ته ايف بي آر جي آفيسرن جي پيشيواراڻي صلاحيت ۾ اضافي ۽ ان کي موثر طور تي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. وزيراعظم پاڪستان روينيو آٽوميشن لميٽيڊ جي نئين سر تعمير جي لاءِ حڪمت ع??لي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئ??. هن چيو ته ملڪ ۾ ٽيڪس ۽ اوڳاڙين جي نظام کي موثر بڻائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال انتهائي اهم ??هي. وزيراعظم ملڪ ۾ اسمگلنگ جي روڪٿام جي نظام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي هدايت ڪئ?? ۽ چيو ته ايف بي آر ۾ ٽيڪس ڏيندڙن جي لاءِ دوستاڻو ماحول فراهم ڪيو وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف لاڳاپيل آفيسرن کي سمورن ايف بي آر سڌارن جي وقت سر تڪميل يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئ??.