اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) آل پارٽيز ڪانفرنس غزه ۾ فوري، غيرمشروط جنگبندي، فلسطيني عوام جي خلاف ظلم جي خاتمي، اسرائيل کي جنگي ڏوهن جي ڪاررواين تي جوابده قرار ڏيڻ ۽ فلسطين جي صورتحال تي او آءِ سي جو هنگامي سربراهي اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته 29 نومبر تي فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي اظهار جي ڏينهن طور تي خصوصي جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان ڳالهه جو اظهار فلسطيني عوام خاص طور تي غزه جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار جي ??اءِ ايوان صدر ۾ منعقد ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شريڪ سياسي پارٽين جي ??ڌرنامي ۾ ڪيو ويو. پڌرنامي موجب پاڪستاني معاشري جي ??ختلف طبقن جي ??مائندگي ڪندڙ پاڪستان جي سياسي پارٽين جي ??مائندن جي اجلاس ۾ متفقه طور تي چيو ويو ت?? اسلامي ڪانفرنس تنظيم (او آءِ سي)، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، انصاف جي عالمي عدالت (آءِ سي جي) ۽ عالمي برادري پاران بار بار جنگبندي جي ??طالبي جي باوجود اسرائيل پاران فلسطينين جي خلاف جاري وحشياڻي جارحيت ۽ نسل ڪشيءَ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪريون ٿا. ان ڳالهه تي پڻ گهري ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي ته اسرائيل جنهن بي رحمي سان جنگي جنون کي سگهه ڏئي رهيو آهي ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهي رهيو آهي ۽ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي ??سلسل خلاف ورزين بشمول لبنان جي خلاف تازي جارحيت، اولهندي ڪناري ۾ حملي، تهران ۾ حماس جي اڳواڻ ۽ لبنان ۾ حزب الله جي سيڪريٽري جنرل جي ??تل تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪريون ٿا جيڪو علائقائي امن ۽ سلامتي جي ??اءِ خطرو آهي. پڌرنامي ۾ فلسطين ۽ ڪشمير جي عوام جي ??تح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق ۽ فلسطين بابت او آءِ سي ۽ گڏيل قومن جي ??تفقه قراردادن جن ۾ والاريل فلسطيني علائقن مان اسرائيلي فوج جي انخلا ۽ تڪرار جي ??رامن ۽ ڳالهين واري هل جو مطالبو ڪيو ويو آهي، جي ??اءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو اظهار ڪيو ويو. 2 آگسٽ 2024ع تي پاڪستان جي ??ومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ”فلسطيني عوام جي خلاف اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ جي ??ذمت“ جي عنوان سان منظور ڪيل قرارداد ۽ پاڪستان جي ??ارليامينٽ پاران منظور ڪيل ٻين لاڳاپيل قراردادن جو ورجاءُ ڪيو ويو. آل پارٽيز ڪانفرنس اسرائيل جي ??سل ڪشيءَ جي ??هم جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي جنهن جي ??تيجي ۾ 42000 کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون جن ۾ وڌيڪ عورتون ۽ شامل آهن ۽ 96000 کان وڌيڪ فلسطيني شديد زخمي ٿيا آهن، ان کانسواءِ غزه جي اٽڪل پوري آبادي جي ??ڏي پئماني تي تباهي ۽ لڏپلاڻ ٿي آهي. اسڪولن، اسپتالن، عبادتگاهن، پناهگاهن ۽ پناهگير ڪئمپن تي اسرائيلي حملن ۽ امدادي ڪارڪنن ۽ صحافين جي تمام وڏي انگ ۾ قتل ۽ عالمي انساني قانونن جي ??ڪمل خلاف ورزي جي ??ڻ مذمت ڪئي وئي. پڌرنامي موجب آل پارٽيز ڪانفرنس فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ۽ فلسيني عوام جي خلاف ظلم جي خاتمي، غزه جو گهيراءُ ختم ڪرڻ، بنا روڪ ٽوڪ انساني امداد جي ??هچ ۽ طبي امداد جي ??راهمي ۽ اسرائيل کي عالمي قانونن جي خلاف ورزين، جنگي ڏوهن ۽ نسل ڪشيءَ جي ڪاررواين تي جوابده قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. شرڪت ڪندڙن عالمي برادري تي زور ڏنو ت?? اها اسرائيل کي علائقائي امن ۽ استحڪام کي وڌيڪ نقصان پهچائڻ کان روڪڻ جي ??اءِ فوري قدم کڻي جنهن ۾ لبنان ۽ ٻين علائقائي ملڪن جي خلاف اسرائيلي جارحيت جي روڪٿام به شامل آهي. شرڪت ڪندڙن والاريل فلسطين جي ??وجوده صورتحال کي منهن ڏيڻ سان گڏوگڏ وسيع تر خطي جي امن ۽ استحڪام جي ??اءِ او آءِ سي، عرب رياستن جي ??يگ، گڏيل قومن ۽ ٻين ڀائر ملڪن پاران جاري سياسي ۽ سفارتي ڪوششن جي ??ڪمل حمايت جو اظهار ڪيو. آل پارٽيز ڪانفرنس اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) کان مطالبو ڪيو ت?? فلسطين جي صورتحال، خطي ۾ اسرائيل جي ??حشياڻي جارحيت ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي تي ان جي اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جي ??اءِ هنگامي سربراهي اجلاس گهرايو وڃي ۽ مسلمان امت جي اتحاد جي اهميت کي اجاگر ڪيو وڃي. ڪانفرنس گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 18 سيپٽمبر 2024ع جي ??رارداد اي ايس 10/24 تي مڪمل عملدرآمد جو پڻ مطالبو ڪيو جيڪا ٻين سان گڏوگڏ اسرائيلي قبضي جي خاتمي جو مطالبو ڪري ٿي. انصاف جي عالمي عدالت (آءِ سي جي) پاران عبوري قدمن تي عمل ڪيو وڃي جيڪي اسرائيل کي فلسطيني عوام جي خلاف نسل ڪشيءَ جي ??ڌيڪ ڪاررواين ڪرڻ کان روڪڻ جو مطالبو ڪن ٿا. ان سان گڏوگڏ آءِ سي جي جي 19 جولاءِ 2024ع جي ??شاورتي راءِ جيڪا اسرائيلي قبضي جي غيرقانوني هجڻ جي تصديق ڪري ٿي ان تي عمل ڪيو وڃي. ڪانفرنس ۾ 11 نومبر 2023ع جي عرب اسلامي سربراهه اجلاس جي گڏيل پڌرنامي جي ??اد ڪرائي وئي جنهن ۾ سمورن ملڪن کان مطالبو ڪيو ويو هو ت?? اهي اسرائيلي قابض عملدارن کي هٿيار ۽ گولابارود جي ??راهمي بند ڪن. آل پارٽيز ڪانفرنس فلسطيني عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ ۾ گڏيل قومن جي ??ناهگيرن بابت ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) جي ڪردار جي حمايت جو پڻ اظهار ڪيو. ڪانفرنس ۾ فلسطين جي ڀائر عوام جي ??ر ممڪن سياسي، سفارتي، اخلاقي ۽ انساني مدد جي ??اءِ پنهنجي ڪوششن کي ٻيڻو ڪرڻ جي ??اڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن پاڪستان پاران غزه جي عوام جي ??اءِ انساني امداد جون 10 کيپ موڪلڻ ۽ لبنان جي عوام جي ??اءِ طبي امداد جي ??راهمي کي ساراهيو ۽ فلسطين جي ڀائر عوام جي ??اءِ انساني امداد جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جنهن ۾ فلسطيني شاگردن جي ??اءِ تعليمي موقعن ۽ پاڪستان ۾ زخمي فلسطيني ٻارن جي علاج جي ??راهمي شامل آهي. ڪانفرنس ۾ فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ ٻين بنيادي حقن کي حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ هڪ قابل عمل، محفوظ، لڳولڳ ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي ??اءِ اڻٿڪ حمايت جو اعلان ڪيو ويو جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي ۽ فلسطيني رياست کي گڏيل قومن جي ??ڪمل ميمبرشپ حاصل هجي. ڪانفرنس پاڪستان حڪومت کان مطالبو ڪيو ت?? اها فلسطين جي ڀائر عوام جي سياسي، سفارتي ۽ انساني امداد جاري رکي ۽ غزه ۾ نسل ڪشيءَ جي خاتمي جي ??اءِ سفارتي ڪوششن جي حمايت ڪري. ڪانفرنس ۾ 29 نومبر 2024ع تي فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي اظهار جي ڏينهن جي طور تي خصوصي جوش ۽ خروش سان ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڪانفرنس ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي ڀرپور حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار کي ڪشميري عوام جي امنگن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??اڳاپيل قراردادن موجب حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. 7 آڪٽوبر 2024ع تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس ان قرارداد جي ??نظوري ڏني.