اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چي?? آهي ته جمهوريت ۽ آئين جي مضبوطي جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي هلڻ گهرجي، پاڻ ۾ الجهيل هونداسين ته پارليامينٽ جو وقار مجروح ٿيندو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيو ته سياست ضرور ڪرڻ گهرجي پر حدن کي اورانگهڻ نه گهرجي. هن چيو ته ماضي ۾ ميثاق جمهوريت جي لاءِ فيبروري 2002ع ۾ پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه شروع ٿي، ان کان اڳ ??سا?? جي تلخ تاريخ رهي هئي، ٻنهي پارٽين آئين جي بحالي ۽ جمهوريت جي مضبوطي جي لاءِ مئي 2005ع ۾ ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪيون، ان کانپوءِ ٻين سمورين سياسي پارٽين کي به دعوت ڏني وئي، ان ۾ عمران خان پاڻ موجود هو، ان ??ست??ويز جي سڀني پارٽين توثيق ڪئي. هن چيو ته جيڪڏهن ??سا?? پاڻ ۾ ئي الجهيا رهياسين ته پارليامينٽ جو وقار مجروح ٿيندو. گذريل حڪومت جي دور ۾ جيڪڏهن پراڊڪشن آر??ر ج??ري نه ٿيا ته ضروري نه آهي ته هاڻي به ج??ري نه ٿين. هن چيو ته جنهن ڪميٽي جي ڳالهه ٿي رهي آهي، هو ان ڪميٽي جي تائيد ڪري ٿو، ??سا?? کي کليل دل سان ڏسڻ گهرجي ته اهو ملڪ جيڪو 2017ع تائين دنيا جي 24 هين وڏي معيشت هو، اهو 2022ع ۾ 47 هين معيشت ڪيئن بڻيو. ??سا?? کي ڏسڻ گهرجي ته دهشتگردي جي خاتمي تي اربين ڊالر خرچ ٿيا ۽ دهشتگردي ختم ٿي ته ڪهڙا سبب آهن جو اها دهشتگردي ٻيهر تيزي سان ڪَر کڻي رهي آهي. ??سا?? کي ان جو تجزيو ڪرڻ گهرجي. پراڊڪشن آر??ر اسپيڪر جو استحقاق آهي، اسپيڪر سمورين پارٽين جي ڪميٽي ٺاهي ۽ ان جي لاءِ جينوين ٽي آو آرز ڏي ته جيئن ملڪي مسئلن جي حل لاءِ ڪنهن رستي جو تعين ٿي سگهي. حڪومت ان ڏس ۾ مڪمل معاونت فراهم ڪندي.