اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته اڄ اسان پاڪستان جي فارن سروس جي هڪ ايماندار آفيسر کي الوداع ڪريون ٿا، عهدو ڇڏيندڙ پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي گذريل 34 سالن ۾ پاڪستان جي وڏي امتيازي خدمت ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي آفيس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري جي ??عزاز ۾ الوداعي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي لاءِ سندس نمايان خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي ۾ هو پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو محور ره??و ۽ هن عالمي سفارتڪاري جي پيچيدگين کي عزم ۽ ديانتداري سان نڀايو. نائب وزيراعظم چيو ته بطور پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ان کان اڳ ترڪيءَ ۽ هنگري ۾ پاڪستان جي ??فير طور هن پاڪستان جي پرڏيهي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۽ سڄي دنيا جي ملڪن سان حصيداري کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجي ??ڃاڻپ ٺاهي. هن سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي ??فارتي مصروفيتن جي ??وڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته اعليٰ سطحي ملاقاتن دوران هو پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ??رجيحن ۽ قومي مفاد جي ??هر?? ادراڪ سان واڳيل پنهنجي ??هر?? بصيرت سان نمايان رهيو. نائب وزيراعظم چيو ته اسان گذريل ڪيترن ئي مهينن کان گڏجي ڪم ڪيو، مون کيس هڪ ذهين ۽ پاڪستان جي ??دمت جي لاءِ مضبوط عزم سان هڪ شاندار شخص ڏٺو، سندس سڀ کان ساراهه جوڳي خصوصيتن ۾ هڪ جيڪا نمايان آهي اها سندس اڻٿڪ ايمانداري آهي. هن عهدو ڇڏيندڙ پرڏيهي سيڪريٽري جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪ??و ۽ چيو ته اسان توهان کي ياد ڪنداسين ۽ توهان جي ??عاون جي ??دائين تعريف ۽ قدر ڪئي ويندي.