اسلام ??باد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پيٽروليم انڊسٽري ڪميٽي جو ٻيو اجلاس ٿيو. پرڏيهي آ??يس موجب منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن، پيٽروليم ۽ بجلي وارن وزيرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار پيٽروليم انڊسٽري جي ??ما??ت ۽ پاڪستان ۾ توانائي ۾ پاڻڀرائپ حاصل ڪرڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.