اسلام آباد -04 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي پارٽين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته آءِ پي پيز جي معاملي تي پارليامينٽ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ ان حوالي ??ان هائوس ڪميٽي جوڙي ان معاملي کي غور هيٺ آندو وڃي جتي سموريون لاڳاپيل اختياريون ان حوالي ??ان بريفنگ ڏين. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران علي محمد خان ??يو ته آءِ پي پيز جي ڌٻڻ ۾ پاڪستان ٻڏي چڪو آهي، ان باري ۾ خاص توانائي ڪميٽي جوڙي وڃي، پوءِ ان مسئلي جي حل لاءِ غور ويچار ??يو وڃي. مصدق ملڪ ??يو ته ان حوالي ??ان ڀرپور ڪم ٿي رهيو آهي، علي محمد خان جي تجويز تمام سٺي آهي، سڀني پارٽين کي ان جذبي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، پن بجلي جي پيداوار سردين جي موسم ۾ گهٽ ترين سطح تي اچي ويندي آهي، گرمين ۾ 30 هزار ۽ سردين ۾ 10 هزار ميگاواٽ بجلي ا??ان جي ضرورت آهي، سردين ۾ 20 هزار ميگاواٽ بجلي جي ڪيپسٽي پيمينٽ ادا ڪئي ويندي آهي، ??ن فرق کي ڪڍڻ لاءِ ڪجهه تجويزن تي ڪم ٿي رهيو آهي ۽ ان جو حل نڪري ايندو. راجه پرويز اشرف ??يو ته پوري هائوس جي ڪميٽي ٺاهي ان معاملي تي غور ڪيو وڃي، لاڳاپيل اختيارين کي ان ۾ گهرايو وڃي، هائوس سامهون آءِ پي پيز جو قصو اچي ته جيئن ڪا اڳڀرائي ٿي سگهي. حنيف عباسي ??يو ته هڪ وزير 10 وزارتن جو جواب ڏئي اهو ممڪن ناهي، سڀني کي پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ گهرجن، مقامي آءِ پي پيز به کرب پتي بڻجي ويون آهن.