راولپنڊي – 26 – آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ آپريشنز دوران 21 دهشتگردن ک?? ماريو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 14 جوان شهيد ٿيا. آءِ ايس پي آر موجب 25 ۽ 26 آگسٽ 2024ع جي وچ واري رات دهشتگردن بلوچستان ۾ ڪيتريون ڪڌيون ڪارروايون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. دشمن عنصرن جي هدايت تي ڪئي ويندڙ ??نه?? بزدلاڻي دهشتگردي جي ڪاررواين جو مقصد بلوچستان جي پر??من ماحول ۽ ترقي کي نقصان پهچائڻ هو، جن ۾ خاص طور تي موسيٰ خيل، قلات ۽ لسٻيلا ۾ معصوم شهرين ک?? نشانو بڻايو ويو. ??نه?? واقعن جي نتيجي ۾ ڪيترائي معصوم شهري شهيد ٿيا. موسيٰ خيل ۾ دهشتگردن راڙاشم جي عام علائقي ۾ هڪ بس کي روڪيو ۽ بيگناهه شهرين ک?? نشانو بڻايو جيڪي بلوچستان م پنهنجي روزي ڪمائڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا هئا. سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن فوري طور تي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن ک?? ناڪام بڻايو ۽ جوابي ڪارروائي دوران 21 دهشتگردن ک?? ماريو جنهن سان مقامي آبادي جي تحفظ ۽ سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو ويو. جڏهن ته ??نه?? ڪاررواين دوران 14 بهادر جوان جن ۾ 10 سيڪيورٽي فورسز جا جوان ۽ 4 قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار شامل هئا، بهادري سان وڙهندي شهيد ٿيا. علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته ??نه?? ڪڌي ۽ بزدلاڻي ڪاررواين جي منصوباسازن، ڏوهارين، سهولتڪارن ۽ معاونين ک?? انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو جيڪي معصوم شهرين ک?? نشانو بڻائي رهيا آهن. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا قوم سان گڏجي بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوششن ک?? ناڪام بڻائڻ جي لاءِ پر??زم آهن. اسان جي بهادر جوانن جون اهي قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.