اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميجر طف??ل محمد (نشان حيدر) کي سندس 66هين شهادت جي ڏهاڙي ت?? کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ميجر طف??ل محمد شهيد جي فرض شناسي، همت ۽ بهادر?? ۽ ??لڪ جي حفاظت جي وچن جي پاسداري نوجوان نسل جي لاءِ هڪ مثال آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ميجر طف??ل محمد شهيد (نشان حيدر) جرئت ۽ بهادري جو عظيم مثال قائم ڪندي ملڪ جي حفاظت جي خاطر شهادت ماڻي. ميجر طف??ل محمد شهيد (نشان حيدر) پنهنجي زخمن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي مشن کي پورو ڪيو ۽ دشمن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. ميجر طف??ل محمد شهيد (نشان حيدر) جي فرض شناسي، همت ۽ بهادر?? ۽ ??لڪ جي حفاظت جي وچن جي پاسداري نوجوان نسل جي لاءِ هڪ مثال آهي. وزيراعظم چيو ته مون سميت سڄي قوم کي پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين تي فخر آهي. پاڪستاني قوم هٿياربند فوج جي جوانن ۽ آفيسرن جي هن ملڪ جي حفاظت جي لاءِ قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿي سگهي.