اسلام آباد – 06 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستاني ايٿليٽ ارشد نديم کي اولمپڪس 2024ع جي جولين ٿرو جي مقابلن جي فائنل رائونڊ ۾ ڪواليفائي ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ارشد نديم پنهنجي شاندار ڪارڪردگي ۽ اڻٿڪ محنت سان پوري قوم جي دل کٽي ورتي آهي، جولين ٿرو راند جي اوسر ??ي لا??ِ ارشد نديم جون خ??مت??ن قدر جوڳيون آهن ۽ سندس محنت ۽ لگن نوجوانن ??ي لاءِ مشعل راهه آهي. وزيراعظم چيو ته مارچ 2024ع ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ارشد نديم سان ملاقات ڪري دلي خوشي ٿي، پاڪستان ۾ بي پناهه ٽيلينٽ آهي، ان کي وڌيڪ نکارڻ جي ضرورت آهي، حڪومت پاڪستان ۾ عالمي سطح تي مقابلن ۾ حصو وٺندڙ رانديگرن جي حوصلا افزائي جاري رکندي. وزيراعظم اولمپڪس 2024ع ۾ ارشد نديم جي ڪاميابي ??ي لاءِ دعا ڪئي ۽ ان ??ي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.