اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت ج??ري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجم??ن ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته 93 هون ”ڪشمير شهداءِ ڏهاڙو“ 13 جولاءِ تي ملهايو ويندو، اهو ڏينهن انهن 22 ڪشميرين ??ي شهادت جي ياد ۾ ملهايو وڃي ٿو جن 1931ع ۾ سرينگر ۾ ڊوگره فورسز جي انڌاڌنڌ فائرنگ جي مقابلو ڪندي پنهنجون جانيون قربان ڪيون. ترجمان چيو ته اسان انهن جي بهادري کي سلام پيش ڪريون ٿا جن ڪشميري عوام جي حقن ۽ آزادي ۽ انهن جي خودمختي??ري جي حق لاءِ هڪ دليراڻي تحريڪ کي جنم ڏنو، اها تحريڪ اڄ تائين ج??ري آهي. ترجمان چيو ته ڊوگره فوج جي طرز تي ڀارتي فوج گذريل ڪجهه ڏهاڪن ۾ هزارين ڪشميرين کي رڳو پنهنجي حقن جي مطالبي تي قتل ڪيو آهي، نال??وا??ي ڪشميري نوجوان اڳواڻ بره??ن مظفر واني انهن سوين ڪشميري نوجوانن مان هڪ هو جيڪو ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ عدالت ک??ن مٿانهون قتل جو شڪار ٿي چڪو آهي، ان جي اٺين ورسيءَ 8 جولاءِ تي ملهائ?? وئي. هن چيو ته ”ڪشمير شهداءِ ڏهاڙي“ جي هن هفتي ۾ اسان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي حڪومت ک??ن مطالبو ڪريون ٿا ته اها ڪشميري عوام جي خلاف عدالت ک??ن مٿانهين قتل ۽ بي رحماڻي طاقت جي انڌاڌنڌ استعمال جي مهم بند ڪري.