اسلام آباد-05 جولاءِ(اي پي پي) سينٽ ۾ پيپلز پارٽي جي ميمبرن اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذولفقار علي ڀٽو کي ملڪ ۾ جمهوريت، آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيو.گذريل ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ اعتراض واري نڪتي تي سينيٽر ضمير حسين گهمرو چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀ??و جمهوريت خاطر پنهنجي جان جي قرباني ڏني، پنج جولاءِ تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀ??و جي ڪوششن کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا.پيپلز پارٽي هميشه پارليامنيٽ جي بالادستي لاءِ جدوجهد ڪئي، ان موقعي تي سينيٽر پونجو ڀيل چيو ته 5 جولاءِ تي شهيد ذولفقار علي ڀ??و جي جمهوري حڪومت کي ختم ڪري مارشل لا لڳائي وئي اڄ به اسان چئون ٿا ته ماضي جون غلطي??ن نه ور??ايو وڃ??. ملڪ ۾ جهموري نظام مضبوط ڪيو وڃ??،سينيٽر سيد مسرور احسن چيو ته اسان کي 5 جولاءِ جي واقعن مان سکندي ملڪ جي بهتر مستقبل لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته سمورين سياسي قوتن کي گڏجي جمهوريت لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن.