اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آه?? ته وزيرا??ظم شهباز شريف جو تاجڪستان ۽ قازقستان جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، وزيرا??ظم جي دوري دوران واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي جا معاملا اڳتي وڌي?? آهن، وزيرا??ظم شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ فلسطين تي پاڪستان جو واضح موقف پيش ڪري پاڪستان جي عوام جي دل جي آواز جي ترجماني ڪئي آه??، ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن جو عمل تيزي سان جاري آه??، حڪومتي قدمن جي ڪري گذريل ڪجهه ڏينهن دوران ٽي لک کان وڌيڪ نئين ٽيڪس ڏيندڙن پنهنجا گوشوارا جمع ڪرايا، گ ذريل ٻن هفتن دوران جعلي سيلز ٽيڪس ريفنڊ ڪندڙ چار هزار ماڻه?? ۽ ??مپنين جي نشاندهي ٿي، انڊر انوائسنگ تمام وڏو ڏوهه آه??، وزيرا??ظم جي هدايت آه?? ته انڊر انوائسنگ ڪندڙ ڪمپنين جا ريفنڊ روڪيا وڃن، عزم استحڪام پوري ملڪ جو معاملو آه??، عزم استحڪام بابت ڪل جماعتي ڪانفرنس گهرائڻ تي اتحادين سان مشاورت جاري آه??. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيرا??ظم جي تاجڪستان ۽ قازقستان جي دورن جا سٺا نتيجا سامهون ايندا، وزيرا??ظم تاجڪستان کان پنهنجي دوري جي شروعات ڪئي، تاجڪستان ۾ پاڪستاني وفد کي تمام گهڻي پذيرائي ملي، تاجڪستان جي صدر پاڪستان جي لاءِ جن جذبن جو اظهار ڪيو ان تي ان جا ٿورائت?? آهيون. هن چيو ته وزيرا??ظم جي دوري دوران ڪراچي پورٽ سميت لينڊ روٽس ۽ ريل روٽس جي حوالي سان پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ اضافي ۽ ڪاروباري طبقي کي سهولتن جي فراهمي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته تاجڪستان ۽ پاڪستان جي عوام واپار ۽ سيڙپڪاري مان فائدو کڻي سگهي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قازقستان جي دوري دوران وزيرا??ظم جي شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي روس جي صدر ولادي مير پيوٽن سان سائيڊ لائين ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو ۽ زراعت، مائننگ، پيٽرو ڪيميڪلز سميت ڪيترن ئي اهم شعبن ۾ تعاون ۽ حصيداري کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. هن چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ روس ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپار ۾ اضافو ٿيندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيرا??ظم جي دوري دوران ترڪيه، پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ٽه ڌريي ڳالهه ٻولهه پڻ ٿي جنهن ۾ علائقائي امن ۽ استحڪام تي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته وزيرا??ظم ڀرپور طريقي سان پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. هن چيو ته وزيرا??ظم شهباز شريف جي بيلاروس ۽ ازبڪستان جي صدرن سان ملاقاتن ۾ پڻ واپار ۾ اضافي ۽ ڪاروباري طبقن کي سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت جي استحڪام ۾ اهي سموريون ملاقاتون اهم ڪردار ادا ڪنديون. هن چيو ته وزيرا??ظم جي دوري جا ڏورس اثر پوندا، ان دوران جيڪي ملاقاتو?? ۽ ??الهيون ٿيون، ان جي نتيجي ۾ ڪيترائي وفد پاڪستان ايندا. هن چيو ته تاجڪستان ۾ اسٽريٽجڪ پا??ٽنرشپ جي معاهدن ۽ ايم او يوز تي پڻ صحيحون ٿيون. هن چيو ته واپاري ڪاٿي ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي حوالي سان معاملا اڳتي وڌي?? آهن. وزيرا??ظم جي ڊپلوميسي سان تمام گهڻو فائدو ٿيو آه??. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ وزيرا??ظم شهباز شريف فلسطين جي حوالي سان پاڪستان جو واضح موقف پيش ڪيو، ان کان اڳ ڪڏهن به فلسطين جي مسئلي تي ايترو واضح موقف پيش نه ڪيو ويو. هن چيو ته وزيرا??ظم اسرائيل پا??ان معصوم ۽ مظلوم فلسطينين جي نسل ڪشيءَ جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته اسرائيلي جنگي ڏوهن جو مرتڪب ٿي رهيو آه??. وزيرا??ظم فلسطين ۾ 37 هزار فلسطينين جي شهادت جو پڻ ذڪر ڪيو. 20 لک ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور آه??. هن چيو ته غزه ۽ رفح ۾ اسپتالن تي بمباري ڪئي پئي وڃي. وزيرا??ظم واضح طور تي چيو ته اسرائيل کي جوابده بڻايو وڃي. پاڪستان 1967ع کان اڳ جي سرحدن موجب آزاد فلسطيني رياست کي تسليم ڪري ٿو جنهن جي گادي وارو شهر القدس هجي. هن چيو ته فلسطينين، غزه ۽ رفح جي رهواسين جي حق ۾ وزيرا??ظم هر پاڪستاني جي دل جي ترجماني ڪئي آه??. وفاقي وزير چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ اسلامو فوبيا ۽ افغانستان جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي جي حق ۾ آه??. ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن بابت ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن شروع ٿي وئي آه??، وزيرا??ظم جي حڪمت عملي سان ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن تي پاڪستان حڪومت جو هڪ رپيو خرچ نه ٿيو، مڪينزي ڪارپوريشن دنيا جي ناليواري ڪنسلٽينسي فرم آه?? جنهن کي ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جي ذريعي شارٽ لسٽ ڪيو ويو آه??، ملينڊا گيٽس فائونڊيشن ان جا خرچ برداشت ڪي?? آهن. هن چيو ته اڄ وزيرا??ظم کي ٻڌايو ويو ته ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن جي دوران 45 لک اهڙن ماڻهن جي نشاندهي ڪئي وئي آه?? جيڪي ٽيڪس ڏيڻ جي طاقت رکن ٿا پر ٽيڪس ادا نه ٿا ڪن. اهڙن نان فائيلرز جيڪي ٽيڪس ڏيڻ جي اهل آه?? ۽ ??وشوارا جمع نه ٿا ڪرائين انهن کي فوري طور تي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي. هن چيو ته نان فائيلرز جو بار اهڙا ماڻهو برداشت ڪري رهي?? آهن جيڪي ٽيڪس ادا ڪري رهي?? آهن تنهن ڪري اهو ضروري آه?? ته انهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي. هن چيو ته وزيرا??ظم پورٽس تي ڪسٽم اپريزنگ آفيسرن جو صوابديدي اختيار فوري طور تي ختم ڪرڻ ۽ اتي ڊيجيٽل نظام قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آه??. ايندڙ 24 ڪلاڪن جي اندر ان حوالي سان قدم کڻي رپورٽ طلب ڪئي آه??. هن چيو ته حڪومتي قدمن جي ڪري گذريل ڪجهه ڏينهن دوران 3 لک کان وڌيڪ نوان ٽيڪس ڏيندڙن پنهنجا گوشوارا جمع ڪراي?? آهن. هن چيو ته روينيو کي وڌائڻ تي وزيرا??ظم جو تمام گهڻو فوڪس رهيو آه??. گذريل ٻن هفتن دوران جعلي سيلز ٽيڪس ريفنڊ ڪندڙ چار هزار ماڻه?? ۽ ??مپنين جي نشاندهي ڪئي وئي آه??. انڊر انوائسنگ تمام وڏو ڏوهه آه??. وزيرا??ظم هدايت ڪئي آه?? ته انڊر انوائسنگ ڪندڙ ڪمپنين جا ريفنڊ روڪيا وڃن. هن چيو ته ٽيڪس چوري ۾ ملوث ماڻهن سان گڏوگڏ آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ڪرپشن ۽ بدعنواني جي چارجز تي او ايس ڊي بڻايو ويو. هن چيو ته ايف بي آر جا اهي آفيسر ڪسٽم سروس ۽ انڪم ٽيڪس IRIS سروس سان تعلق رکن ٿا. هن چيو ته ان کان اڳ به 21 ۽ 22 گريڊ جي آفيسرن کي او ايس ڊي بڻايو ويو هو. هن چيو ته انٽيلي جنس ۽ محڪماڻي رپورٽس تي اهو قدم کنيو ويو. هن چيو ته وزيرا??ظم سـٺي آفيسرن جي پذيرائي پڻ ڪئي، ڪجهه مهينا اڳ انهن کي ايوارڊ پڻ ڏنا ويا هئا. هن چيو ته بدعنوا?? ۽ ??رپٽ عنصرن جي خلاف ايڪشن کنيو ويندو. وزيرا??ظم پهرين ڏينهن قوم کي خطاب ۾ چيو هو ته بدعنوان عنصرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته حڪومت جي ڊيجيٽلائيزيشن سان گڏوگڏ بدعنوان عنصرن جي خلاف ڪارروائي تي ڀرپور ڌيان آه??. هن چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڊيجيٽلائيزيشن سان معيشت کي ڪيترائي سئو ارب رپين جو فائدو ٿيندو، هي اهي شيون آه?? جن جو آءِ ايم ايف سان ڪو تعلق نه آه??. هن چيو ته ايف بي آر جو ادارو تيزي سان ڊيجيٽلائيزيشن طرف وڌي رهيو آه??. هن چيو ته رپئي جو مستحڪم ٿيڻ، پرڏيهي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيڻ، واپاري خساري جو گهٽ ٿيڻ، آءِ ٽي روانگي واپار جو وڌڻ اهي سموريون شيون مستحڪم معيشت طرف نشاندهي ڪن ٿيون. وفاقي وزير چيو ته بجيٽ جي حوالي سان جيڪي قدم کنيا وي?? آهن جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت کي وڌايو ويو آه??. هن چيو ته پگهاردار طبقي تي 35 سيڪڙو ٽيڪس جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي جيڪا غلط فهمي تي ٻڌل آه??، اهو 35 سيڪڙو جو 10 سيڪڙو آه?? جيڪو جڏهن ادا ڪيو وڃي ته 3 سيڪڙو ٿيندو، ان غلط فهمي تي سوشل ميڊيا تي وڏيون خبرون هلايون ويون ته پگهاردار طبقي تي 35 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويو آه?? جڏهن ته اهو 35 سيڪڙو ٽيڪس ته موجود هو ان 35 سيڪڙو تي 10 سيڪڙو سرچارج لڳو آه?? جيڪو مجموعي طور تي 10 سيڪڙو نه آه?? اهو ان 35 سيڪڙو جو 10 سيڪڙو آه?? جيڪو اٽڪل 3 سيڪڙو بڻجي ٿو. هن چيو ته هڪ لک رپيا پگهاردار تي رڳو 1200 رپيا اضافي ٽيڪس لڳايو ويو آه?? يعني جنهن جي هڪ لک رپيا پگهار آه?? ان کي رڳو 2400 رپيا ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته نيوز پرنٽ تي ٽيڪس نه لڳڻ ڏنو ويو ته جيئن ميڊيا هائوسز ميڊيا ورڪرز کي وقت سر پگهارن جي ادائيگي کي يقيني بڻائين. ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي لاءِ پي بي اي ۽ اي پي اين ايس پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته پرڏيهي پاليسي انتهائي ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهي آه??، اسان جي ٽيڪس جي نظام کي موثر بڻايو پيو وڃي ۽ ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن تيزي سان اڳتي وڌي رهي آه??. هن چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري تي آگسٽ جي مهيني ۾ تيزي سان اڳڀرائي ٿيندي، ان کانسواءِ خرچ به گهٽ ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته وزيرا??ظم ۽ حڪومت پهرين ڏينهن جن ترجيحن جو اعلان ڪيو هو انهن تي عملدرآمد ڏسڻ ۾ اچي رهيو آه?? ۽ ان سان انشاءَ الله تمام گهڻي بهتري ايندي. صحافين جي سوالن جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ازبڪستان جي صدر سان ترمذ ۽ ڪراچي ويئر هائوسز قائم ڪرڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، ڪراچي ۾ ازبڪ ڪاروباري ماڻهو فائدو کڻي سگهن ۽ اسان جا ڪاروباري ماڻهو ترمذ ۾ ويئر هائوس مان فائدو کڻي سگهندا. هن چيو ته وچ ايشيائي رياستون پاڪستان کي اهم ملڪ سمجهن ٿيون. هن چيو ته زراعت، مائننگ، پيٽرو ڪيميڪلز سميت ٻين شعبن ۾ حصيداري تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ڪيترائي اهڙا ملڪ آه?? جيڪي زرعي اوزار ۽ ٽريڪٽرز تيار ڪري رهي?? آهن، ان ۾ به حصيداري ٿي رهي آه??. پاڪستان ۾ اڳ ۾ ئي ٽريڪٽرز تيار ٿي رهي?? آهن، هن سال پاڪستان ۾ ٽريڪٽرز جو رڪارڊ وڪرو ٿيو، پاڪستان مان ٽريڪٽرز ۽ زرعي اوزار برآمد ڪري سگهجن ٿا، ان تي به سائيڊ لائين تي ڳالهه ٻولهه ۽ ڪم هلي رهيو آه??. آل پا??ٽيز ڪانفرنس جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عزم استحڪام آپريشن تي آل پا??ٽيز ڪانفرنس گهرائڻ جي حوالي سان مشاورت جاري آه??. هن چيو ته آل پا??ٽيز ڪانفرنس بابت باني پي ٽي آءِ جو بيان به سامهون آيو آه??، الله ڪري هو ان تي قائم رهي، عزم استحڪام پوري ملڪ جو معاملو آه??، ان تي سمورين سياسي پا??ٽين کي آن بورڊ وٺڻ گهرجي. آل پا??ٽيز ڪانفرنس ۾ سمورين سياسي پا??ٽين جي شرڪت ٿيڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيرا??ظم واضح لفظن ۾ چيو ته اسان سمورن ملڪن سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا، پاڪستان چاهي ٿو ته سمورن ملڪن جي حوالي سان سٺا لاڳاپا برقرار رهن، هن چيو ته روس سان بارٽر ٽريڊ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي آه??، ماضي ۾ به روس سان بارٽر ٽريڊ رهيو آه??. هن چيو ته ڪامياب پرڏيهي پاليسي جو مطلب اهو ئي آه?? ته سمورن ملڪن سان سٺا لاڳاپا هجن. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته باجوڙ ۾ اڳوڻي سينيٽر هدايت الله جي شهادت تي تمام گهڻو ڏک ۽ افسوس ٿيو آه??، وزيرا??ظم به ان واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آه??. هن چيو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي ختم ٿيندي ته ملڪ ۾ مڪمل استحڪام ايندو. هن چيو ته دهشتگردن جو نه ڪو رنگ آه?? نه نسل، اهي پاڪستان ۽ پاڪستان جي نظريي جي خلاف آه??. هن چيو ته عزم استحڪام هڪ ويزن جو نالو آه??، ان تي ٺوس حڪمت عملي جي ضرورت آه??. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته توانائي واري وزير اويس لغاري نيپرا جي ٽيرف جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي آه??، توانائي وارو وفاقي وزير پنهنجو واضح موقف بيان ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هڪ اعليٰ عهديدار جي ڌيءَ جي گاڏي سان حادثي جو شڪار ٿيل نوجوان جي پونئيرن کي انصاف ملڻ گهرجي، ان ڏس ۾ اسلام آباد پوليس غيرجانبداري جو مظاهرو ڪري، واقعي جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي.