اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد جي 25 هين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪيو ??هي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ??ه ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد ڪارگل جي محاذ تي بي مثال بهادري، جرئت ۽ شجاعت جو مظاهرو ڪيو ??نهن جي دشمن به تعريف ڪرڻ کانسواءِ نه رهي سگهيو. ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد وطن سان وفاداري، فرض شناسي ۽ وطن جي دفاع جي لاءِ جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ و??ڙهه جو اهڙو مثال قائم ڪيو ??نهن کي رهندڙ دنيا تائين ياد رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ??ه ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد (نشان حيدر) ۽ سندس گهرڀاتي سڄي قوم جي لاءِ قابل فخر آ??ن. ??اڪستاني فوج جون ملڪ جي لاءِ دفاع جي خاطر لازوال قربانيون آ??ن. ??ون سميت سڄي قوم پاڪ فوج جي جوانن جي ملڪ جي حفاظت جي اڻٿڪ عزم کي سلام پيش ڪري ٿي.