اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) نجڪاري ۽ سيڙپڪاري واري و??اق?? وزير عبدالعليم خان ۽ واپار واري و??اق?? وزير ڄام ڪمال خان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ چين جي سروس گروپ سان جوائنٽ وينچر تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. واپار وار وار?? وزارت پاران جاري پڌرائي موجب بيجنگ ۾ چيئرمين چائنيز گروپ آف ڪمپنيز لي ڪوانگ سان و??اق?? وزيرن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نجڪاري ۽ سيڙپڪاري واري و??اق?? وزير عبدالعليم خان چيو ته ملڪي ۽ غيرملڪي ا??وي??ٽرز جي لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي عمل کي آسان بڻائي رهيا آهيون، ايز آف ڊوئنگ بزنس ۽ ”ون اسٽاپ شاپ“ جهڙا منفرد فيچرز پڻ متعارف ??را??ي رهيا آهيون. هن چيو ته سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي جي لاءِ پاڪستان بزنس پورٽل تي تيزي سان ڪم جاري آهي. سيڙپڪاري واري و??اق?? وزير چيو ته ا??وي??ٽمينٽ ۾ غيرضروري رڪاوٽون ختم ڪرڻ سان گڏوگڏ آن لائين سه??لتن کي يقيني بڻايو پيو وڃي ۽ ڪاروباري ماڻهن کي سيڙپڪاري جي لاءِ خصوصي مراعتون ۽ سه??لتون ڏنيون وينديون. بيجنگ ۾ ڪاروباري گروپس جي سربراهن سان ملاقات جي موقعي تي واپار واري و??اق?? وزير ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪستان چين سان ٻطرفي واپاري سرگرمين جي فروغ جو خواهشمند آهي ۽ تازي چين جي دوري جا سيڙپڪاري تي مثبت اثر پوندا.