اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد ??سحاق ڊ??ر پاڪستان جي دوري تي آيل آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف جو پرڏيهي آفيس اچڻ تي استقبال ڪيو. پرڏيهي وزير محمد ??سحاق ڊار ۽ آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جي وچ ۾ تفصيلي ملاقات ٿيندي. ٻئي اڳواڻ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ۽ پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون بابت خ??لان جي ڏي وٺ ڪندا. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ آذربائيجان جو پرڏيهي وزير جيهون بيراموف گڏيل نيوز ڪانفرنس پڻ ڪندا. آذربائيجان جو پرڏيهي وزير جيهون بيراموف ٻن ڏينهن جي سرڪاري تي دوري اربع ڏينهن اسلام آباد پهتو هو. پرڏيهي وزير جيهون بيراموف وزيراعظم محمد ??هباز شريف سان پڻ ملاقات ڪندو.