اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سڄي دنيا جون نظرون وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي ايندڙ دو??ي تي کُتل آهن، چين پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آهي، سي پيڪ جي ڪري چيني مصنوعات جي پاڪستان ۽ پاڪستاني مصنوعات جي چين جي مارڪيٽن تائين پهچ ۾ اضافو ٿيو آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ سان ملاقات دو??ان ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي پاڪ چين لاڳاپن، سي پيڪ، پاڪستاني معيشت جي بحالي جي لاءِ حڪومتي قدمن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي ايندڙ دو??ي جي حوالي سان پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي وزير چيو ته سڄي دنيا جون نظرون وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي ايندڙ دو??ي تي کُتل آهن، وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي دو??ي دو??ان سي پيڪ تحت جاري ??نص??بن ??و جائزو ورتو ويندو جڏهن ته نئين ??نص??بن ??ي خيالن جي ڏي وٺ ۽ سي پيڪ ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته چين پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آهي، چين پاڪستان اقتصادي لنگهه ??نص??بي تحت پاڪستان ۾ ڪيترن ئي وڏن ??نص??بن ??ي تڪميل ۾ چيني تعاون قابل رشڪ آهي. هن چيو ته سي پيڪ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جو اهم ??نص??بو آهي، سي پيڪ جي ڪري چيني مصنوعات جي پاڪستان ۽ پاڪستاني مصنوعات جي چين جي مارڪيٽن تائين پهچ ۾ اضافو ٿيو آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دو??تي، اعتماد ۽ گڏيل احترام جي بنيادن تي لاڳاپا قائم آهن، اهي لاڳاپا جامع اسٽريٽجڪ حصيداري جي شڪل اختيار ڪري چڪا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيني سفير کي حڪ??مت جي معاشي قدمن ۽ سعودي عرب ۽ ايران جي اعليٰ سطحي وفدن جي دو??ن بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن چيو ته حڪ??مت جي اقتدار ۾ ايندي ئي معاشي انگ اکر مثبت ٿي رهيا آهن، عالمي اخبارُون ۽ رسالا به پاڪستاني معيشت ۾ بهتري جي اڳڪٿي ڪري رهيا آهن. چيني سفير حڪ??مت جي معاشي قدمن کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪ ترقي جي رستي تي گامزن ٿيندو. وفاقي وزير چيني سفير کي پاڪستان ۾ چيني شهرين جي حفاظت جي لاءِ حڪومتي قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اطلاعات ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي پڻ اتفاق ٿيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي چين جي ايندڙ دو??ي دو??ان چين جي نيوز ايجنسي ”شنهوا“ ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي وچ ۾ خبرن جي مٽاسٽا جي معاهدي تي پڻ صحيحون ٿينديون. ٻنهي ڌرين ثقافتي ۽ تعليمي وفدن جي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ۽ هڪ ٻئي سان تعاون جاري رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو.