اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گ??يل قدمن تي زور ڏيندي پاڪستان ۽ گ??يل عرب امارات جي وچ ۾ ان شعبي ۾ پنهنجي تعاون کي مضبوط ڪرڻ جي تجويز ??ني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??حمد شهباز شريف ۽ گ??يل عرب امارات (يو اي اي) جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو. وزيراعظم گ??يل عرب امارات جي حڪومت ۽ عوام جي ان بلند حوصلي، مضبوط عزم ۽ بي مثال ڪارڪردگي کي ساراهيو جنهن سان هن تازين برساتن سان پيدا ٿيندڙ چئلينجن جو مقابلو ڪيو. هن گ??يل عرب امارات جي صدر کي ساراهيو جنهن هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي شاندار قائداڻي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو ۽ اماراتي عوام جي ڀلائي کي يقيني بڻايو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ به ڪجهه ڏينهن ۾ وڏيون برساتون پيُون آهن جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن. وزيراعظم ??وسمياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گ??يل قدمن تي زور ڏنو ۽ تجويز ??ني ته ٻئي ملڪ ان شعبي ۾ پنهنجي تعاون کي مضبوط ڪن. گ??يل عرب امارات جي صدر وزيراعظم جي نيڪ خواهشن کي ساراهيندي پاڪستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن ۽ جذبن جو اظ??ار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.