اسلام آباد– 02 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ پنجن سالن ۾ ملڪي ??وانگي واپار ٻيڻو ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي ٺاهڻ، اي ڪا??رس شعبي ۾ برآمد ڪندڙن کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ واپار واري وزارت کي ”ميڊ ان پاڪستان“ برانڊ برآمد ڪندڙن جا مسئلا فوري حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ برآمدي شعبي جي ترقي بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ڄام ڪمال خان، راڻا تنوير حسين، اي ڪا??رس شعبي جي ناليوارن برآمد ڪندڙ انٽر پرينيورز بشمول يوٽوپيا جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جبران نياز، ذيشان شاهه، سلمان احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي پاڪستان ۾ برآمدي شعبي جي ترقي جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون ويون. وزيراعظم کي برآمدي شعبي جي سهولت جي لاءِ سفارشون ۽ برآمدات کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم واپار واري وزارت کي سمورين ڌرين ۽ انٽر پرينيورز سان مشاورت کانپوءِ ملڪي ??رآمدات کي ايندڙ پنجن سالن ۾ ٻيڻو ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ??ي ڪا??رس شعبي ۾ برآمد ڪندڙن کي سهولتون ڏيڻ ۽ واپار واري وزارت کي ”ميڊ ان پاڪستان“ برانڊ برآمد ڪندڙن جا مسئلا فوري حل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم ??يو ته پاڪستان جي برآمدي شعبي جي مڪمل صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن هدايت ڪئي ته آءِ ٽي، گهريلو استعمال جي مصنوعات، ٽيڪسٽائيل ۽ منفرد شعبن جي روانگي واپار جي فروغ جي لاءِ سڀني لاڳاپيل ڌرين ک?? اعتماد ۾ ورتو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اهڙيون برآمدات جيڪي ??المي ويليو چينز جو حصو هجن انهن جي صنعت جي ترقي جي حوصلا افزائي جي لاءِ سفارشون جوڙي پيش ڪيون وڃن.