اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن م??فقا طور سني اتحاد ڪونسل جي صدارتي اميدوار محمود خان اچڪزئي جي صدارتي چونڊ ??لتوي ??رڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن طرفان چيئرمين سڪندر سلطان راجا ۽ چئني ميمبرن طرفان م??فقا طور تي جاري ڪيل فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو آهي ته قومي اسمبلي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جون چونڊون 8 فيبروري تي ٿي چڪيون آهن ۽ اهو آئين جي آرٽيڪل 41 جي شق 5 تحت جيڪڏهن اسيمبليون ٽوڙيون ويون هجن ته عام چونڊن جي 30 ڏينهن اندر صدر جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ ان جي چونڊ ??رڻ لازمي آهي. اليڪشن ڪميشن پهرين م??رچ تي صدر جي چونڊ ??اءِ شيڊول جاري ڪيو جنهن تحت 9 مارچ تي اليڪشن ٿي رهيو آهي. ان جي جانچ پڙتال سميت سمورو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ صدارتي اميدوار محمود خان اچڪزئي طرفان چونڊ ڪالج مڪمل نه هجڻ جي موقف سان چونڊ ??لتوي ??رڻ جي درخواست ڏني وئي جڏهن ته هن طرفان چونڊ ڪالج جي حوالي سان ريٽرننگ آفيسر وٽ ڪو اعتراض نه اٿاريو ويو، هن وقت قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ چئني صوبائي اسيمبليون فعال آهن ۽ وزيراعظم ۽ وڏن وزيرن جي چونڊ ??ڻ ٿي چڪي آهي. ان ڪري اليڪشن ڪميشن م??فقا طور تي محمود خان اچڪزئي طرفان صدارتي چونڊ ??لتوي ??رڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.