راولپنڊي-27 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان 400 ڪلوميٽرن تائين جي مفاصلي تي انتهائي درستگي سان هدفن کي نشانو بڻائڻ واري فت?? ٽو ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب هي ميزائل جديد ترين ايويونڪس، نيويگيشن سسٽم ۽ منفرد اڏام جي صلاحيت سان ليس آهي. هٿيارن جو نظام 400ڪلوميٽرن جي ح?? تائين انتهائي درستگي سان هدفن کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ٽنهي هٿياربند فوجن جا سينئر آفيسر، سائنسدان ۽ انجنيئرز فت?? ٽو ميزائل تجربي جي موقعي تي موجود هئا. صدر مملڪت، نگران وزيراعظم، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ آرمي چيف فت?? ٽو ميزائل جي ڪامياب تجربي تي هٿياربند فوج جي ماهرن ۽ سائنسدانن کي مبارڪون ڏنيون.