اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جو ڳاڻيٽو دنيا جي بهترين ٿنڪ ٽينڪس ۾ ٿئي ٿو، هي انسٽيٽيوٽ وزارتن جي ??اء?? تحقيق ۾ معاونت جي ذميواري پڻ ادا ڪري رهيو آهي. سوالن جوابن جي وقفي دوران سيني??ر محسن عزيز، سينيٽر زرقه سهروردي ۽ ٻين سينيٽرز جي سوالن جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسان جي ٿنڪ ٽينڪ آهي، ڊائريڪٽر جنرل ان جو سربراهه آهي، ان جا مختلف سينٽرز ٺاهيا ويا آهن، ان جي سينٽرز ۾ ايشيا پيسفڪ ۽ چائنا سينٽرز آهن، هي نه رڳو سيمينارز منعقد ڪرائي ٿو جن جي ذريعي اسڪالرز ۽ عالمي ??اهرن جو هڪ ٻئي سان رابطو رهي ٿو، دنيا جي ٿنڪ ٽينڪس سان پڻ ان جا رابطا آهن ۽ هي اسان جي وزارتن جي ??اء?? پڻ ريسرچ ۾ معاونت ڪري ٿو. هن چيو ته دنيا ۾ هزارين ٿنڪ ٽينڪس آهن جن ۾ پاڪستان جي انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جو نمبر 80 هون آهي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز کي هد??يت آهي ته هو پارليامينٽ ميمبرن کي پڻ پنهنجي سيمينارز ۾ گهرائي باقي ٿنڪ ٽينڪس کي پڻ ان حوالي سان هد??يت ڪئي ويندي.