اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي ملاقات ??ئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم غزه جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هلندڙ مهيني جي شروع ۾ او آءِ سي جي غيرمعمولي سربراهي اجلاس جي ميزباني ڪرڻ تي سعودي قيادت کي ساراهيو. هن ??رب ۽ اسلامي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ات??اق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي ڪردار کي ساراهيو. هن ??زه ۾ تشدد جي خاتمي ۽ ب??گناهه فلسطينين تي اسرائيل پاران ڪيل ظلمن کي روڪڻ جي لاءِ سفارتي ڪوششن ۾ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو.