اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي جوائنٽ سيڪريٽري شفقت عباس جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيتي ريفرنس پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جي ميڊيا سينٽر ۾ ٿيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، ذيلي ادارن جي آفيسرن ۽ ملازمن سميت سينيئر صحافين، ڪالم نگارن ۽ زندگ?? جي مختلف شعبن سان ??علق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. تعزيتي ريفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي جوائنٽ سيڪريٽري شفقت عباس جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته والده جو لاڏاڻو هڪ وڏو صد??و آهي، والدين جو ئي واحد رشتو آه?? جيڪو پنهنجي ٻارن جي ترقي، صحتمند زندگي ۽ خوشحال?? جي لاءِ ڏينهن رات دعائون ڏين ٿا. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسان ??ڀ سوڳوار خاندان ??ي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. مقررين چيو ته بزرگن جي ڇانوَ برڪت جو سبب هوندي آهي، والده جو لاڏاڻو هڪ ناقابل تلافي نقصان ??هي ڇو ته ان ??ي زندگي سدائين اسان ??ي خواهشن کي پورو ڪرڻ ۾ گذري وڃي ٿي. والده جي جدائ?? جي انتهائي ڏکويل موقعي تي صبر ڪرڻ ئي وقت جي گهرج آهي. ناليواري شاعر ۽ صحافي سيد رضا علي ڪاظمي پيغمبر خدا حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي شان ۾ نعت رسول مقبول ﷺ ۽ ماءُ جي عظمت تي خوبصورت ڪلام پيش ڪيو. آخر ۾ حافظ طاهر خليل مرحومه جي ايصال ثواب، درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي خصوصي دعا ڪرائي.