اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي موس??يا??ي تبديلين جي خطرن ۽ نقصانن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي ايندڙ نسل جو مستقبل ??حفوظ بڻائڻو پوندو، زمين موس??يا??ي تبديلين جي خطري جي ور چڙهيل آهي، حڪومت يا ڪو به ادارو اڪيلي سر ان خطري کي منهن نه هو ڏئي سگهي، موس??يا??ي تبديلين جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي اسٽريٽجڪ ويزن جي ضرورت آهي، موس??يا??ي تبديلين کان م??اثر ملڪن جي لاءِ عالمي برادري کي پنهنجو ڪردار ??دا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”پري ڪوپ – 28“ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته زمين جو گرمي جو درجو وڌي رهيو آهي، ڪا به حڪومت يا ادارو اڪيلي سر موس??يا??ي تبديلي جي خطري ۽ چئلينج کي منهن نه ٿو ڏئي سگهي، ان م??ئلي جي اهميت سڄي معاشري کي تسليم ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اسان کي موس??يا??ي تبديلين جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وڻڪاري ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻو پوندو. ان ڏس ۾ معاشري ۾ سوچ تبديل ڪرڻي پوندي. هن چيو ته موس??يا??ي تبديلين جي حوالي سان ٻارن ۾ شعور اجاگر ڪرڻو پوندو. ان ڏس ۾ مائرون ۽ استاد پنهنجو ڪردار ??دا ڪري سگهن ٿا. اسان پنهنجي ڪلچر ۾ موس??يا??ي تبديلي جي اهميت کي اجاگر ڪري ئي انهن خطرن کي منهن ڏئي سگهون ٿا. هن چيو ته موس??يا??ي تبديلي جي حوالي سان ميڊيا کي به پنهنجو ڪردار ??دا ڪرڻو پوندو. اسان پاڪستان ٽيليويزن ۾ موس??يا??ي تبديلي جي حوالي سان اسپيشل ڊيسڪ جو افتتاح ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان کي سموگ ۽ ٻوڏ جهڙا مسئلا درپيش آهن، جيڪي انساني وجود جي لاءِ خطري جو سبب آهن. اسان اڪيلي سر ان م??ئلي کي منهن نه ٿا ڏئي سگهون. ان جي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي. هن چيو ته موس??يا??ي تبديلي جي لحاظ کان پاڪستان غيرمحفوظ ملڪ آهي، ان تباهي ۾ اسان جو ڪو به ڪردار نه آهي پر ان کان اسان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهيون. هن چيو ته موس??يا??ي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي اسٽريٽجڪ ويزن جي ضرورت آهي.