اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ غزه ۾ اسپتال تي اسرائيلي حملي جي شديد مذمت ڪندي عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو اسرائيل کي بيگناهه فلسطينين جي قتلام کان روڪي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم غزه جي الاهلي اسپتال تي اسرائيلي حملي جي شديد مذمت ڪئي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ شهري مارجي ويا. هن چيو ??ه اسپتالن کي نشانو بڻائڻ ??يرانساني فعل آهي. عالمي انساني قانون اسپتالن ۽ طبي عملي کي تحفظ فراهم ڪري ٿو. نگران وزيراعظم چيو ??ه اس??ن ان بنا فرق جي قتلام جي خاتمي جو مطالبو ڪريون ٿا ۽ عالمي برادري تي ز??ر ڀريون ٿا ??ه اها تشدد کي روڪ?? جي لاءِ تيزي سان ڪم ڪري ۽ ذميوارن جو احتساب ڪري. هن چيو ته ڪجهه عرصو اڳ گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي برادري اسرائيل کي چوي ته هو بيگناهه فلسطينين جو قتلام بند ڪري.