اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني منگوليا جي نائب وزيراعظم سين بويان سان تبت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آ??يس جي ترجمان جي ٽوئيٽ موجب ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل طور تي فائديمند ل??ڳاپن ۽ خاص طور تي کاڻين جي کوٽائي، زراعت ۽ ٽيڪسٽائيل جي شعبن ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.