اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف اميد ظاهر ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ قطر واپار ۽ سيڙپڪاري تي ڌيان ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وسيع ۽ مستحڪم ڪندا. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم محمد شهباز شريف سا?? قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحما?? الثاني الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وز??را??ظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ??ائراڻن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ قطر جي سفير جي ڪردار کي ساراهيو. وز??را??ظم قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي وفد جي تازي دوري کي پاڪستان جي معيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ قطر جي دلچسپي جو اظهار قرار ڏنو. وز??را??ظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي ڳالهه ٻولهه ۽ غذائي تحفظ، توانائي، آءِ ٽي، کاڻ کوٽائي ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون ۾ اضافي جو ذڪر ڪيو. وز??را??ظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته ٻئي ڀائر ملڪ واپار ۽ سيڙپڪاري تي ڌيان ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وسيع ۽ مستحڪم ڪندا. وز??را??ظم قطر جي سفير کي سندس مستقبل جي ذميوارين ۾ ڪاميابين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سفير مهمان نوازي ۽ گرمجوشي تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا جنهن پاڪستان ۾ سندس مُدي کي حقيقت ۾ يادگار بڻائي ڇڏيو. قطر جي سفير 2020ع ۾ ڪورونا وبا دوران پاڪستان ۾ ذميواريون سنڀاليون هيون ۽ پنهنجون سفارتي ذميواريون مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هلندڙ مهيني پاڪستان مان روانو ٿي ويندو.