اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت ناڻي واري وزارت جي مختلف جا??ي ۽ نئين منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي 3220 ملين رپين فنڊز رک?? جي تجويز ڏني آهي. بجيٽ دستاويزن موجب ناڻي واري وزارت جي اڳ کان جا??ي 8 منصوبن جي لاءِ 1970 ملين رپيا، جنهن ۾ غيرملڪي معاونت جي 258 ملين رپيا شامل آهي ۽ ٻن نئين منصوبن جي لاءِ 1250 ملين رپيا رک?? جي تجويز آهي، اڳ کان جا??ي منصوبن ۾ فيڊرل آڊٽ ڪمپليڪس جي ايٽ ون اسلام آباد جي تعمير جي پي سي ون جي لاءِ 194.049 ملين رپيا، اسلام آباد جي ٽين ون ۾ چٽاڀيٽي ڪميشن جي آفيس جي تعمير جي لاءِ 23.26 ملين رپيا، عالمي بئنڪ جي تعاون سان مالياتي شموليت انفراسٽرڪچر پراجيڪٽ جي لاءِ 258 ملين رپيا، آڊٽ ??ئنيجمينٽ انفارميشن سسٽم هڻڻ جي منصوبي لاءِ 249.15 ملين رپيا، وفاقي حڪومت جي پي ايف ايم پاليسي فريم ورڪ جي لاءِ 50 ملين رپيا، پاڪستان منٽ جي اپ گريڊيشن منصوبي جي لاءِ 887.54 ملين رپيا، نيشنل سيونگز ڪمپليڪس پي سي ٽو جي لاءِ 8 ملين رپيا ۽ پاڪستان آڊٽ اينڊ اڪائونٽس اڪيڊمي اسلام آباد پي سي ون جي لاءِ 300 ملين رپين جا فنڊز رک?? جي تجويز ڏني وئي آهي. ناڻي واري وزارت جي ٻن نئين منصوبن جي لاءِ 1250 ملين رپيا جا فنڊز رک?? جي تجويز آهي، لاهور ۾ آڊٽ ??ائوس جي تعمير جي لاءِ 250 ملين رپيا ۽ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي آن لائين بلنگ جي نظام جي لاءِ 1000 ملين رپيا رک?? جي تجويز ڏني وئي آهي.