اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لڌا، ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ لانس ن??ئي?? محمد صابر جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس ??و اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيد جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته مون سميت پوري قوم پاڪ فوج جي ا?? عظيم فرزند جي ملڪ ۽ ق??م جي لاءِ قرباني تي ان کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، پاڪستاني قوم پنهنجي بقاءَ جي لاءِ جانيون قربان ڪندڙ پنهنجي عظيم سپاهين جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي.