اسلام آباد / مظفر آباد – 16 – مئي (اي پي پي) پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي اڳواڻن اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي ۽ والاريل سرينگر ۾ ڀارت پاران جي – 20 ڪانفرنس ??نعقد ڪرڻ تي پنهنجي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪندڙن ۾ پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جو صدر چوڌري محمد ياسين، مخالف ڌر اڳوا?? چوڌري لطيف اڪبر، سردار يعقوب، فيصل راٺوڙ، جاويد ايوب، ميان وحيد، جاويد بڍانوي، قاسم مجيد، بازل نقوي، نبيلا ايوب، عامر ياسين ۽ سردار ضياءَ قمر شامل هئا. ان مو??عي تي و??يراعظم جو ڪشمير معاملن وارو صلاحڪار قمر زمان ڪائره پڻ موجود هو. پاڪستان پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي اڳواڻن ??رڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري کي آگاهه ڪيو ته ڀارت ۾ ٿيندڙ جي – 20 ڪانفرنس جو والاريل سرينگر ۾ منعقد ٿيڻ ڪشميرين جي لاءِ ناقابل قبول آهي. هنن بلاول ڀٽو زرداري کي و??لاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ جي – 20 ڪانفرنس دوران مظفر آباد ۽ باغ جي دوري جي دعوت ڏني ۽ درخواست ڪئي ته هو ان مو??عي تي ڪشميرين جو ڪيس دنيا آڏو پيش ڪري. پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ڪشمير جو ڪيس منهنجي ترجيحن ۾ سرفهرست آهي. پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي اڳواڻن جي باغ ۽ مظفرآباد جي دوري جي دعوت قبول ڪري و??تي. پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جي – 20 ڪانفرنس ??نعقد ڪرڻ جي حوالي سان سمورين سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ وٺن. پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي دعوت تي پناهگيرن سان ملاقات پڻ ڪندو ان مو??عي تي سول سوسائٽي سان پڻ رابطا ٿيندا. پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري باغ، آزاد ڪشمير ۾ احتجاجي جلسي کي خطاب ڪندو ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪندو.