اسلام آباد -24 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي 9 مئي سانحي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي سخت لفظن ۾ مذمت ۽ شهيدن جي يادگارن ۽ دفاعي م??ڪيتن تي حملن جي ڏس ۾ هٿياربند فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب ڪميٽي جو 37 هون اجلاس قومي اسيمبلي جي م??مبر جويريه ظفر جي قيادت ۾ پي ٽي وي ريسورس سينٽر جي ڪميٽي روم ۾ منعقد ٿيو. ڪميٽي جي چيئرپرسن ۽ ميمبرن 9 مئي جي افسوسناڪ واقعن جي مذمت ڪئي ۽ سڄي م??ڪ ۾ شهيدن جي يادگارن ۽ دفاعي م??ڪيتن تي حملن جي ڏس ۾ هٿياربند فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي ناڻي واري وزارت کي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (ريڊيو پاڪستان) ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي م??ازمن جي پگهارن ۽ پينشنز لاءِ مناسب فنڊز جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته ڄاڻايل ملازمن ۽ پينشنرز کي انهن جون باقي ادائيگيون ممڪن بڻائي سگهجن. ان کان اڳ ڪميٽي قومي اسيمبلي جي م??مبر محمد جمال الدين طرفان موڪليل پرائيويٽ ميمبر بل ”غير مهذب منع ٿيل اشتهار“ ترميمي بل 2022ع تي غور ڪيو. بل پيش ڪندڙ ڪميٽي کي ٻڌايو ته ترميم جو مقصد نجي ۽ سرڪاري ٽي وي چئ??لز جي ذريعي ڪرنٽ افيئر پروگرامن، خبرن، ڊراما سيريز دوران غير مهذب اشتهارن جي روڪٿام آهي جيڪو فن جي نالي تي اسان جي ثقافت کي متاثر ڪن ٿا. هن چيو ته قانون ۾ معمولي ڏنڊ ۽ ڏنڊ جي شقن ۾ ترميم جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته خلاف ورزي ڪندڙ ڏوهه جي رقم کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ روينيو حاصل ڪندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ ڀڃڪڙيون وڌي رهيون آهن، اسٽينڊنگ ڪميٽي اتفاق راءِ سان بل منظور ڪرڻ جي سفارش ڪئي. صحافين ۽ ميڊيا پروفيش??لز جي تحفظ بابت سيڪيورٽي جي حوالي سان ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ڊپٽي ان??پيڪٽر جنرل آف پوليس (آپريشنز) آءِ سي ٽي اسلام آباد ڪميٽي کي ٻڌايو ته سمورن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز صحافين ۽ ميڊيا پروفيش??لز سان ويجهي رابطي ۾ آهن. هن ٻڌايو ته ڏوهه خلاف بنا دير جي ڪارروائي ڪئي ويندي آهي، آءِ سي ٽي پوليس جي گشت تي م??جود اهلڪارن کي م??ڊيا هائوسز سميت ميڊيا پروفيش??لز جي رهائشگاهن جي سيڪيورٽي لاءِ پهرين ئي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ڪميٽي جي چيئرپرسن جويريه ظفر آهير ۽ ڪميٽي م??مبرن هدايت ڪئي ته مرد ۽ عورت صحافين ۽ ميڊيا پروفيش??لز جي شڪايتن ۽ مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي. ٻئي پاسي ڪميٽي قانونسازي جي ٻين معاملن سميت حڪومتي بلن صحافين ۽ ميڊيا پروفيش??لز جو تحفظ (ترميمي) بل 2023ع، دي پريس نيوز پيپرز، نيوز ايجنسيز اينڊ بڪس رجسٽريشن (ترميمي) بل 2023ع تي غور ملتوي ڪري ڇڏيو. انهن بلن تي ايندڙ اجلاس ۾ غور ڪيو ويندو.