اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قوي خان اداڪاري جي دنيا جو اهو روشن ستارو هو، جنهن جون صلاحيتون ڏهاڪن تائين ماڻهن جي ذهنن تي نقش رهنديون. ??زي??اعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته تمغه حسن ڪارڪردگي ۽ ستاره امتياز رکندڙ قوي خان اداڪاري جي دنيا جو اهو روشن ستارو هو، جنهن جون صلاحيتون ڏهاڪن تائين ماڻهن جي ذهنن تي نقش رهنديون. قوي خان، فلم، ڊرامي ۽ ريڊيو ۾ معياري اداڪاري جو بنياد رکندڙن مان هڪ هو. الله تعاليٰ سندس درجا بلند ڪري ۽ ڏکويل خاندان کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.