اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته شريف فيملي وٽ رسيدون ۽ رڪارڊ نه آهي ان لاءِ ڪڏهن وڊيو اچ?? ويندي آهي ته ڪڏهن آڊيو ۽ هاڻي بيان حلفي اچ?? ويو آهي، بيان حلفي به قطري خط، جعلي ٽرسٽ ڊيڊ ۽ فليٽس ذريعن وانگر ردي جي ??وڪري ويندو، سڄي ملڪ ۾ اسٽيٽ لينڊ جي ڊجيٽلائيزيشن جو عمل جاري رهندو، سنڌ حڪومت هر سٺي ڪم جي طرح اسٽيٽ لينڊ جي ڊجيٽلائيزيشن ۾ به بلڪل تعاون نه ڪري رهي آهي، سروي موجب پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ 81 هزار 209 مربع ڪلوميٽر زمين جي ڊجيٽلائيزيشن ٿي چڪي آهي، 8 لک 24 هزار 210 ايڪڙ زمين تي قبضو آهي، قبضو ٿيل سرڪاري ۽ پرائيويٽ لينڊ جي ??اليت 5500 ارب بڻجي ??ي، قيام پاڪستان کانپوءِ عمران خان واحد وزيراعظم آهي جنهن سرڪاري زمين جي آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هو س?? ڊي اي بابت خاص مددگار علي نواز اعواڻ سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ??يزن موجب سرڪاري ۽ پرائيويٽ زمين رڪارڊ جا سڌارا تڪميل جي ??رحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهن، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪيڊسٽرل ميپنگ جي ذريعي لينڊ جي ڊجيٽلائيزيشن سروي آف پاڪستان ڪري رهيو آهي، ماضي ۾ هڪ مساوي کي اسڪين ڪري چيو ويو ته لينڊ رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ٿي چڪو آهي، اهو حقيقت جي ابتڙ هو. هن چيو ته لينڊ ڊجيٽلائيزيشن ۾ پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جي حڪومتن مڪمل تعاون ڪيو جنهن سان 88 سيڪڙو لينڊ جي ڊجيٽلائيزيشن مڪمل ٿي چڪي آهي، سنڌ حڪومت هر بهترين ڪم وانگر ان معاملي ۾ به تعاون نه ڪيو، سنڌ حڪومت نٿي چاهي ته اسٽيٽ لينڊ جو پتو پوي ته ڪيتري زمين تي قبضو آهي، پيپلزپارٽي 13 سالن کان سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آهي، چائنه ڪٽنگ، سرڪاري زمين تي ملي ڀڳت سان قبضو ڪرايو ويو، هن ٻڌايو ته ريلوي جي 825 ايڪڙ، سول ايوي ايشن جي 816 ايڪڙ، اويڪيوٽرسٽ ملڪيت جي 117 ارب ۽ اين ايڇ اي جي 52 ارب روپين جي ??اليت جي زمين تي قبضي جي ??شاندهي ٿي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته شميم جو بيان حلفي به قطري خط، جعلي ٽرسٽ ڊيڊ ۽ فليٽس جي ذريعن وانگر ردي جي ??وڪري ۾ ويندو، شريف فيملي وٽ رسيدون ۽ رڪارڊ نه آهي ان لاءِ ڪڏهن وڊيو ايندي آهي ته ڪڏهن آڊيو ۽ هاڻي اهو بيان حلفي اچ?? ويو آهي.